انهيءَ سبب جو تون پيٽ سان ٿي جيڪو پٽ ڄڻيندينءَ سو ڄائي ڄم کان ناذير يعني خدا لاءِ وقف ٿيندو، تنهنڪري سندس مٿي ۽ منهن جا وار ڪڏهن بہ نہ ڪوڙايا وڃن. هو بني اسرائيل کي فلستين جي هٿن مان ڇڏائڻ شروع ڪندو.“
تنهن کان پوءِ هن جا ڀائر ۽ ٻيا سندس گھر جا ڀاتي هن جو لاش کڻڻ لاءِ اُتي آيا. هنن کيس اتان کڻي اچي صرعہ ۽ استال شهرن جي وچ ۾ سندس پيءُ منوحہ جي قبرستان ۾ دفن ڪيو. هو بني اسرائيل جو ويهہ سال رهبر رهيو.
جيئن ئي هن خدا جي عهد واري صندوق جو ذڪر ڪيو تہ عيلي ڪرسيءَ جي پٺئين پاسي دروازي وٽ وڃي ڪريو. جيئن تہ هو پوڙهو ۽ ڳرو مڙس هو سو ڪرڻ سان سندس ڪنڌ ڀڄي پيو ۽ هو مري ويو. هو چاليهن سالن تائين بني اسرائيل جو رهبر رهندو آيو هو.