Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




قاضين 15:18 - Muslim Sindhi Bible

18 پوءِ سمسون کي ڏاڍي اڃ لڳي، سو خداوند کي پڪاري چوڻ لڳو تہ ”تو پنهنجي ٻانهي کي هيڏي وڏي سوڀ ڏني آهي. هاڻ ڀلا آءٌ اڃ کان مران ڇا ۽ هنن اڻ‌طهريلن جي قبضي ۾ اچي وڃان ڇا؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

18 ۽ هن کي ڏاڍي اُڃ لڳي، ۽ خداوند کي پڪاري چيائين تہ تو پنهنجي ٻانهي جي هٿان هڪڙو وڏو ڇوٽڪارو ڏنو آهي: ۽ هاڻي آءٌ اُڃ کان مري وڃان، ۽ اڻ طهريلن جي هٿن ۾ وڃي پوان ڇا؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




قاضين 15:18
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ابراهيم جواب ڏنو تہ ”مون سمجھيو تہ هتي ڪنهن کي بہ خدا جو خوف ڪونهي، سو منهنجي زال هٿ ڪرڻ لاءِ اهي مون کي ماري وجھندا.


جڏهن هو فني‌ايل مان لنگھي ويو تہ سج اڀري ويس. هو ران سببان منڊڪائيندو ٿي هليو.


ڪوبہ ماڻهو اها خبر فلستيءَ جي شهر جات ۾ نہ ٻڌائي، نڪي ڪو اسقلون جي گھٽين اندر اها پڌري ڪري، متان فلستين جون ڌيئرون اها ڳالهہ ٻڌي خوشيون ملهائين، هائو، متان اڻ‌طهريلن جون ڌيئرون شادمانا ڪن.


پوءِ جڏهن عيسيٰ ڄاتو تہ هاڻي هر ڳالهہ پوري ٿي چڪي آهي، تڏهن پاڪ ڪلام جي لکت کي پوري ڪرڻ لاءِ هن چيو تہ ”مون کي اڃ لڳي آهي.“


هاڻي وڌيڪ آءٌ ڇا ٻڌايان؟ هينئر ايترو وقت ڪانہ اٿم جو جِدعون، برق، سمسون، افتاح، يا وري دائود، سموئيل ۽ ٻين نبين جو ذڪر ڪريان.


تڏهن سندس ماءُ پيءُ کيس چيو تہ ”تنهنجي مائٽن ۾ يا پنهنجي سڄيءَ قوم ۾ ڪا عورت ڪانهي ڇا، جو تون اڻ‌طهريل فلستين مان پرڻجڻ ٿو چاهين؟“ پر سمسون پنهنجي پيءُ کي چيو تہ ”مون کي اها وٺي ڏيو، ڇاڪاڻ تہ اها مون کي پسند آهي.“


انهيءَ کان پوءِ اُها ڄاڙهہ پري اڇلائي ڇڏيائين. تڏهن کان انهيءَ جو نالو رامت‌لحي پئجي ويو.


تڏهن سمسون خداوند کي پڪاري چيو تہ ”اي خداوند خدا! مهرباني فرمائي مون کي ياد ڪر. اي خدا! مهرباني ڪري هڪڙو دفعو وري مون کي طاقت بخش تہ هڪڙي ئي وار ۾ آءٌ فلستين کان پنهنجين ٻن اکين جو وير وٺان.“


پوءِ جِدعون ۽ ساڻس گڏ جيڪي ٽي سؤ ماڻهو هئا سي ٿڪل هجڻ جي باوجود دشمن جو پيڇو ڪندي اردن درياءَ تي آيا ۽ اتان اوڀر پار لنگھيا.


تڏهن دائود پنهنجي ڀرسان بيٺل ماڻهن کان پڇيو تہ ”هي اڻ‌طهريل فلستي ٿيندو ڪير آهي جو جيئري خدا جي لشڪر کي اچي ذليل ڪري! ٻڌايو تہ جيڪو ماڻهو هن فلستيءَ کي ماري ۽ بني اسرائيل تان اهو داغ دور ڪري تنهن کي ڇا ڏنو ويندو؟“


اوهان جي هن ٻانهي شينهن توڙي رڇن کي ماريو آهي. سو هي اڻ‌طهريل فلستي بہ انهن مان ئي هڪڙي وانگر ٿيندو، ڇو تہ هن جيئري خدا جي لشڪر کي اچي ذليل ڪيو آهي.“


پوءِ دائود سوچڻ لڳو تہ ”ڪنهن نہ ڪنهن ڏينهن آءٌ سائول جي هٿان ماريو ويندس. سو منهنجي لاءِ انهيءَ کان بهتر ٻي ڳالهہ ڪانهي تہ آءٌ فلستين جي ملڪ ڏانهن هليو وڃان. پوءِ هو نااميد ٿي مون کي اسرائيل جي سرحدن ۾ وري نہ ڳوليندو. اهڙيءَ طرح آءٌ سندس هٿان بچي ويندس.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ