Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




قاضين 15:15 - Muslim Sindhi Bible

15 هن اُتي هڪڙي گڏهہ جي تازي ڄاڙهہ پيل ڏٺي جيڪا جھپڙ ڏيئي کنيائين ۽ انهيءَ سان هڪ هزار ماڻهن کي ماريائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

15 ۽ هن هڪڙي گڏهہ جي نئين ڄاڙهہ پيل ڏٺي، جا هٿ ڊگهيري کنيائين، ۽ انهيءَ سان هڪ هزار ماڻهن کي ماريائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




قاضين 15:15
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

دائود وٽ جيڪي بهادر سپاهي هئا، تن مان ٽن جا نالا هي آهن: يوشيب‌بشيبت تحڪموني، جيڪو ”ٽن جو ٽولو“ جي وڏن بهادرن مان مکيہ بهادر هو، جنهن نيزو کڻي هڪڙي ئي مقابلي ۾ اٺ سؤ ماڻهو قتل ڪري ڇڏيا هئا.


اوهين پنهنجن دشمنن جو پيڇو ڪندا ۽ اهي اوهان جي اڳيان شڪست کائي ويندا.


اوهان جا پنج ڄڻا سؤ ڄڻن جو پيڇو ڪندا ۽ اوهان جا سؤ ڄڻا ڏهن هزارن جو پيڇو ڪندا. اوهان جا دشمن اوهان جي اڳيان شڪست کائي ويندا.


انهن مان ڪن ڀڙڪندڙ باهہ کي ٿڌو ڪيو ۽ ڪي تلوار جي ڌار کان بہ بچي نڪتا. انهن مان ڪي ڪمزوريءَ مان زورآور ٿيا، ڪي جنگ ۾ طاقتور بڻيا، ڪن ڌارين فوجن کي ڀڄائي ڪڍيو


اوهان مان هڪڙو ئي ماڻهو هزار کي ڀڄائي سگھي ٿو، ڇوجو خداوند اوهان جو خدا اوهان جي پاران وڙهي ٿو، جيئن هن اوهان سان واعدو ڪيو آهي.


پوءِ سمسون چيو تہ ”گڏهہ جي هڪڙي ڄاڙهہ سان مون هزار ماڻهو ماريا، گڏهہ جي هڪڙي ڄاڙهہ سان مون لاشن جا ڍير لڳائي ڇڏيا.“


انهيءَ کان پوءِ اُها ڄاڙهہ پري اڇلائي ڇڏيائين. تڏهن کان انهيءَ جو نالو رامت‌لحي پئجي ويو.


اهود کان پوءِ شمجر ولد عنات اڀريو، جنهن بني اسرائيل کي فلستين کان بچايو. هن فلستين جا ڇهہ سؤ ماڻهو ڏاندن هڪلڻ واريءَ لٺ سان ماريا.


گھڻي ٿڪاوٽ ڪري جڏهن سيسرا کي گَهري ننڊ اچي ويئي، تڏهن حبر جي زال ياعيل تنبوءَ جي هڪڙي ڪلي ۽ هڪڙو مترڪو پنهنجي هٿ ۾ کڻي آهستي آهستي هن وٽ ويئي ۽ اها ڪلي هن جي لوندڙيءَ ۾ ٺوڪي هنيائين، ايتري قدر جو اها آرپار لنگھي وڃي زمين ۾ کتي ۽ هو مري ويو.


هن پنهنجا ٽي سؤ ماڻهو ٽن ٽولين ۾ ورهايا. هن انهن سڀني جي هٿن ۾ نفيلون ۽ خالي دلا ڏنا. هر هڪ دلي ۾ هڪ مشعل هئي.


اها پهرين خونريزي هئي، جيڪا يونتن ۽ سندس هٿياربردار ڪئي ۽ انهيءَ ۾ اٽڪل ويهہ ماڻهو اڌ ايڪڙ زمين جي ٽڪري ۾ مارجي ويا.


يونتن پنهنجي هٿياربردار جوان کي وري چيو تہ ”اچ تہ هنن اڻ‌طهريلن جي پهريدارن ڏانهن هلون. من خداوند اسان جي لاءِ ڪم ڪري، ڇاڪاڻ تہ ڇڏائڻ جي لاءِ خداوند کي گھڻن يا ٿورن جي ڪابہ رڪاوٽ ڪانهي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ