Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




قاضين 15:14 - Muslim Sindhi Bible

14 جڏهن هو لحيءَ جي هنڌ وٽ اچي پهتو تڏهن فلستي رڙيون ڪندي مٿس چڙهي آيا. تڏهن خداوند جو روح هن تي زور ساڻ نازل ٿيو ۽ جيڪي رسا هن جي ٻانهن ۽ هٿن جي چوڌاري ٻڌل هئا تن کي هن ٽوڙي ڇڏيو، ڄڻ تہ اُهي سڙيل سڻيءَ مان ٺهيل هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

14 جڏهن هو لحيءَ ۾ آيو، تڏهن فلستي هن کي ڏسڻ شرط رڙيون ڪرڻ لڳا، ۽ خداوند جو روح قدرت سان هن تي نازل ٿيو، ۽ جيڪي رسا هن جي ٻانهن تي هئا، سي انهيءَ سڻيءَ جهڙا ٿي پيا جا باهہ سان سڙي ويندي آهي، ۽ هن جا بند سندس هٿن تان ڪري پيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




قاضين 15:14
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

’شريرن جي سوڀ عارضي هوندي آهي؟‘ هائو، جيڪي ماڻهو خدا تي ڀروسو نہ رکندا آهن، تن جي خوشي ٿوري دير لاءِ هوندي آهي.


اهي مون کي چئني پاسن کان وڪوڙي ويون هيون، پر خداوند جي نالي سان مون کين برباد ڪري ڇڏيو.


هُن منهنجي هٿن کي جنگ جي سکيا ڏني آهي، جنهن ڪري منهنجيون ٻانهون پتل جو تيرڪمان بہ ڇڪيو ڇڏين.


فرعون بني اسرائيل جي باري ۾ چوندو تہ اهي بيابان ۾ گھيرجي پيا آهن ۽ اتي ڦاسي ويا آهن.


جڏهن مصر جي بادشاهہ کي اها خبر پيئي تہ اهي ماڻهو ڀڄي ويا آهن، تڏهن فرعون ۽ سندس نوڪرن جي دل انهن ماڻهن جي خلاف ڦيرو کاڌو ۽ هو چوڻ لڳا تہ ”اسان هي ڇا ڪيو جو بني اسرائيل کي پنهنجي غلاميءَ مان نڪري وڃڻ ڏنوسين؟“


اي اسان جا دشمنؤ! اسان جي مشڪلاتن تي خوشيون نہ ڪريو، ڇاڪاڻ تہ جيتوڻيڪ اسين ڪري پيا آهيون، تڏهن بہ خدا اسان کي وري اٿاري کڙو ڪندو. ڀلي کڻي هن وقت اسين اونداهيءَ ۾ آهيون، پر خداوند اسان کي روشني عطا ڪندو.


تڏهن انهيءَ ملائڪ مون کي يهوداہ جي گورنر زربابل لاءِ قادر‌مطلق خداوند جو هي پيغام ٻڌايو تہ ”اي زربابل! تون ڪامياب ٿيندين، نہ لشڪر جي زور سان، نہ انساني طاقت سان پر فقط منهنجي روح سان.


اي سچا ساٿي! آءٌ تو کي بہ عرض ٿو ڪريان تہ انهن عورتن جي صلح ڪرائڻ ۾ سندن مدد ڪر. انهن ٻنهي ڪليمنس توڙي منهنجي ٻين هم‌خدمت ساٿين سان شامل ٿي مون سان گڏجي خوشخبري ڦهلائڻ ۾ سخت محنت ڪئي آهي. هنن سڀني جا نالا خدا وٽ زندگيءَ جي ڪتاب ۾ لکيل آهن.


تڏهن خداوند جو روح هن تي طاقت ساڻ نازل ٿيو. هو اسقلون شهر ڏانهن ويو، اتي ٽيهہ ماڻهو ماري انهن جو مال ڦريائين ۽ جن ڳجھارت ڀڳي هئي تن کي اهي ڪپڙن جا وڳا ڏنائين. بعد ۾ ڪاوڙ ۾ باهہ ٿي هو پنهنجي گھر موٽي ويو.


تڏهن خداوند جو روح هن تي طاقت ساڻ نازل ٿيو ۽ خالي هٿين هوندي بہ هن انهيءَ شينهن کي ائين چيڙي ڦاڙي وڌو جيئن ڪنهن ڇيلي کي چيڙيو ڦاڙيو ويندو آهي. پر هن جيڪي ڪجھہ ڪيو سو نہ پنهنجي پيءُ کي ٻڌايائين، نڪي پنهنجي ماءُ کي.


هنن وراڻيس تہ ”ٺيڪ آهي، اسين تو کي رڳو ٻڌي هنن جي حوالي ڪنداسين. اسين تو کي هرگز نہ مارينداسين.“ پوءِ هنن سمسون کي ٻن نون رسن سان ٻڌو ۽ ٽڪر واري غار مان موٽائي وٺي آيس.


انهيءَ کان پوءِ فلستين چڙهائي ڪري اچي يهوداہ جي علائقي ۾ پنهنجا تنبو کوڙيا ۽ لحيءَ جي هنڌ وٽ پکڙجي ويا.


تنهن تي دليلہ نوان رسا وٺي انهن سان سمسون کي ٻڌو ۽ جيئن تہ اندرين ڪوٺيءَ ۾ ماڻهو لڪا ويٺا هئا، سو سمسون کي چيائين تہ ”اي سمسون! فلستي تو تي چڙهي آيا آهن.“ تڏهن هن اُهي رسا ڌاڳي وانگر ڇني ڇڏيا.


جڏهن هنن جون دليون خوشيءَ سان ڀرجي ويون تڏهن چيائون تہ ”سمسون کي وٺي اچو تہ ساڻس مسخريون ڪري پاڻ کي وندرايون.“ جڏهن سمسون کي قيدخاني مان وٺي آيا تڏهن کيس ٿنڀن جي وچ ۾ کڻي بيهاريائونس ۽ ساڻس مسخريون ڪري پاڻ کي وندرايائون. جڏهن ماڻهن سمسون کي ڏٺو تڏهن هو پنهنجي معبود جي تعريف ڪري چوڻ لڳا تہ ”بيشڪ اسان جي ديوتا اهو دشمن اسان جي هٿ ۾ ڏنو آهي، جنهن اسان جي ملڪ کي تباهہ ڪيو هو، ۽ پڻ گھڻن ماڻهن کي ماريو هئائين.“


انهيءَ عورت اندرين ڪوٺيءَ ۾ ماڻهو لڪائي ويهاري ڇڏيا هئا. پوءِ هن رڙ ڪري چيو تہ ”اي سمسون! فلستي تو تي چڙهي آيا آهن.“ تڏهن سمسون اُهي پٽا ائين ڇڃي ڇڏيا جيئن ڪو ڌاڳو باهہ لڳڻ سان ٽٽي پوندو آهي. سو هن دفعي هن جي طاقت جو راز معلوم ٿي نہ سگھيو.


خداوند جو روح هن تي نازل ٿيو ۽ هو بني اسرائيل جو رهبر ٿيو. تڏهن غتني‌ايل جنگ ڪرڻ لاءِ نڪتو ۽ خداوند کيس بادشاهہ ڪوشن رسعتيم تي فتح ڏني.


’پڪ هو مالِ‌غنيمت قبضي ڪري پاڻ ۾ ورهائيندا هوندا، هر مرد کي هڪ هڪ، بلڪ ٻہ ٻہ جوان ڇوڪريون مليون هونديون. سيسرا کي رنگ برنگي ۽ ڀرت ڀريل ڪپڙا مليا هوندا، هائو، منهنجي پائڻ لاءِ عمدا ڀرت ڀريل رنگين وڳا.‘


جڏهن سائول ۽ سندس نوڪر جِبعت شهر ۾ انهيءَ ٽڪريءَ وٽ اچي پهتا، تڏهن نبين جي هڪڙي ٽولي کين گڏي. اتي خدا جو روح مٿس ايترو تہ زور سان نازل ٿيو جو هو انهن سان گڏ خدا جي ڳالهين ۾ مست ٿي ويو.


تڏهن خداوند جو روح تو تي ايترو تہ زور سان نازل ٿيندو جو تون بہ هنن سان گڏ اڳڪٿيون ڪرڻ لڳندين ۽ تو ۾ وڏي تبديلي اچي ويندي.


اهي ڳالهيون ٻڌندي ئي سائول تي خدا جو روح ايترو تہ زور سان نازل ٿيو جو سائول ڪاوڙ ۾ تپي باهہ ٿي ويو.


تڏهن آءٌ انهيءَ جي پٺيان ويندو آهيان ۽ انهيءَ کي ماري، سندس وات مان اهو ڇڏائيندو آهيان. جڏهن هو مون تي اُلر ڪري ايندو آهي، تڏهن آءٌ هن کي کاڏيءَ کان پڪڙي ماري ماري ختم ڪري ڇڏيندو آهيان.


جڏهن خداوند جي عهد واري صندوق لشڪر‌گاهہ ۾ اچي پهتي، تڏهن بني اسرائيل جي سڀني ماڻهن خوشيءَ مان ايڏا تہ زور سان واڪا ڪيا جو زمين ڌڏڻ لڳي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ