Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




قاضين 15:11 - Muslim Sindhi Bible

11 تڏهن يهوداہ جا ٽي هزار ماڻهو ايتام واري ٽڪر جي غار ڏانهن ويا ۽ سمسون کي وڃي چيائون تہ ”ڇا تو کي اهو خيال ڪونہ ٿو ٿئي تہ فلستي اسان جي مٿان حاڪم آهن؟ تو اسان سان هي ڇا ڪيو آهي؟“ هن کين جواب ڏنو تہ ”مون هنن سان اهو ئي ڪجھہ ڪيو آهي جيڪي هنن مون سان ڪيو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

11 تڏهن يهوداہ جا ٽي هزار ماڻهو ايتام واري ٽڪر جي چر ڏانهن ويا، ۽ سمسون کي چيائون تہ توکي اها خبر ڪانهي ڇا تہ فلستي اسان جي مٿان حاڪم آهن؟ تو اسان سان هي ڇا ڪيو آهي؟ ۽ هن انهن کي چيو تہ جيئن هنن مون سان ڪيو، تيئن وري مون بہ ساڻن ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




قاضين 15:11
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڪالب کي افراتہ نالي زال مان پهريون پٽ حور هو. حور جي اولاد بيت‌لحم شهر جو بنياد وڌو. حور جا پٽ هي هئا: عيطام، فنو‌ايل ۽ عزر. عيطام جا پٽ هي هئا: يزرعيل، اسمع ۽ ادباس ۽ سندن ڀيڻ جو نالو هضل‌الفوني هو. فنو‌ايل جدُور شهر جو بنياد وڌو ۽ عزر حوسہ شهر جو بنياد وڌو.


ٻڌل عهد کي ٽوڙڻ جي سزا ڏيڻ لاءِ آءٌ اوهان جي مٿان جنگ موڪليندس. پر جيڪڏهن اوهين بچاءَ لاءِ پنهنجن شهرن ۾ وڃي گڏ ٿيندا، تہ آءٌ اوهان منجھہ وبا موڪليندس ۽ پوءِ اوهين پنهنجي دشمنن جي حوالي ڪيا ويندا.


خداوند اوهان کي قومن جو اڳواڻ بڻائيندو، پوئلڳ نہ. اوهين هميشہ مٿاهان رهندا، هيٺاهان نہ، بشرطيڪ اوهين خداوند پنهنجي خدا جا حڪم، جيڪي آءٌ اڄوڪي ڏينهن اوهان کي ٻڌايان ٿو، سي مڃيندا ۽ خبرداريءَ سان انهن تي عمل ڪندا.


جيڪو ڌاريو ماڻهو اوهان جي وچ ۾ هوندو سو اوهان کان وڌندو ويندو ۽ اوهين گھٽبا ويندا.


بني اسرائيل وري بہ اهي ساڳيائي ڪم ڪرڻ لڳا جيڪي خداوند جي نظر ۾ برا هئا. سو خداوند هنن کي چاليهن سالن تائين فلستين جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيو.


سمسون جي ماءُ پيءُ کي اها خبر ڪانہ هئي تہ اها ڳالهہ خداوند وٽان آهي، جنهن فلستين سان وڙهڻ جو موقعو پئي تلاش ڪيو، ڇاڪاڻ تہ انهيءَ وقت فلستي بني اسرائيل تي حڪمراني ڪندا هئا.


يهوداہ جي ماڻهن کانئن پڇيو تہ ”اوهين ڇو اسان تي چڙهي آيا آهيو؟“ هنن جواب ڏنو تہ ”اسين سمسون کي پڪڙڻ لاءِ آيا آهيون، انهيءَ لاءِ تہ جيئن هن اسان سان ڪيو آهي، تيئن ئي اسين بہ ساڻس ڪريون.“


هنن چيس تہ ”اسين آيا آهيون تہ تو کي ٻڌي فلستين جي حوالي ڪريون.“ تڏهن سمسون کين چيو تہ ”مون سان قسم کڻو تہ اوهين پاڻ مون کي قتل نہ ڪندا.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ