7 پوءِ هن وڃي انهيءَ ڇوڪريءَ سان ڳالهايو، اها کيس ڏاڍي پسند آئي.
7 ۽ هن وڃي انهيءَ زال سان ڳالهايو؛ ۽ هوءَ سمسون کي ڏاڍي وڻي.
تڏهن خداوند جو روح هن تي طاقت ساڻ نازل ٿيو ۽ خالي هٿين هوندي بہ هن انهيءَ شينهن کي ائين چيڙي ڦاڙي وڌو جيئن ڪنهن ڇيلي کي چيڙيو ڦاڙيو ويندو آهي. پر هن جيڪي ڪجھہ ڪيو سو نہ پنهنجي پيءُ کي ٻڌايائين، نڪي پنهنجي ماءُ کي.
ٿوري عرصي کان پوءِ جڏهن هو ان ڇوڪريءَ کي پرڻائي وٺي اچڻ لاءِ ويو پئي، تڏهن هو رستي تان ڦري انهيءَ شينهن جو لاش ڏسڻ لاءِ هيٺ لهي ويو. اتي ڏٺائين تہ شينهن جي لاش ۾ ماکيءَ جي مکين جو هجوم آهي ۽ ماناري ۾ ماکي بہ آهي.