Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




قاضين 14:5 - Muslim Sindhi Bible

5 سو سمسون پنهنجي ماءُ پيءُ سان تمنت ڏانهن ويو. جڏهن هو تمنت جي انگورن جي باغ جي ويجھو اچي پهتا، تڏهن سمسون ڏٺو تہ هڪڙو جوان شينهن مٿس گجڪار ڪري چڙهندو پيو اچي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

5 تڏهن سمسون ۽ هن جا ماءُ پيءُ تمنت ڏانهن ويا، ۽ تمنت جي ڊاک جي منهہ ۾ آيا: ۽ هن ڏٺو تہ هڪڙو جوان شينهن مٿس گجگوڙ ڪري چڙهي پيو اچي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




قاضين 14:5
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ کان علاوہ بناياہ ولد يهويدع هو، جيڪو قبضيل نالي شهر جو بهادر شخص هو، جنهن وڏا وڏا ڪم ڪيا هئا. هن موآب جي ٻن بهادرن کي قتل ڪيو ۽ برف پوندڙ ڏينهن ۾ هڪڙيءَ کڏ ۾ لهي هڪڙي شينهن کي بہ وڃي ماريو هئائين.


انهيءَ کان علاوہ بناياہ ولد يهويدع هو، جيڪو قبضيل نالي شهر جو بهادر شخص هو، جنهن وڏا وڏا ڪم ڪيا هئا. هن موآب جي ٻن بهادرن کي قتل ڪيو ۽ برفباريءَ وارن ڏينهن ۾ هڪڙيءَ کڏ ۾ لهي هڪڙي شينهن کي بہ وڃي ماريو هئائين.


اوهين ببر شينهن ۽ ڪاريهر نانگ کي بہ پنهنجي پيرن هيٺ لتاڙي وجھندا. هائو، اوهين جوان شينهن ۽ ازدها کي بہ پائمال ڪري ڇڏيندا.


غير قوم وارا جوان شينهن جيان مٿس رڙيا ۽ گجيا، ۽ سندس ملڪ کي ويران ڪري ڇڏيائون. سندس شهر ساڙيا ويا، ايتري قدر جو انهن ۾ ڪو رهڻ وارو نہ بچيو.


ايمان جي ڪري ئي انهن مان ڪن بادشاهتون فتح ڪيون، ڪن انصاف سان نگهباني ڪئي، ڪن اهي برڪتون حاصل ڪيون جن جو خدا ساڻن واعدو ڪيو هو ۽ ڪن شينهَن جا وات بند ڪري ڇڏيا.


پوءِ اُها بعلہ کان اولهہ طرف ادوم جي جابلو علائقي ڏانهن ڦِري ۽ اتان يعريم جبل يعني ڪسلون جي اترينءَ لاهيءَ کان ٿيندي بيت‌شمس ڏانهن لهي اڳتي تمنہ ڏانهن ٽپي ويئي.


هوشيار ۽ سجاڳ رهو. اوهان جو دشمن ابليس گجندڙ شينهن وانگر چوڌاري ڦري وجھہ پيو ڳولي تہ ڪنهن کي چيري ڦاڙي کائي.


سمسون جي ماءُ پيءُ کي اها خبر ڪانہ هئي تہ اها ڳالهہ خداوند وٽان آهي، جنهن فلستين سان وڙهڻ جو موقعو پئي تلاش ڪيو، ڇاڪاڻ تہ انهيءَ وقت فلستي بني اسرائيل تي حڪمراني ڪندا هئا.


تڏهن خداوند جو روح هن تي طاقت ساڻ نازل ٿيو ۽ خالي هٿين هوندي بہ هن انهيءَ شينهن کي ائين چيڙي ڦاڙي وڌو جيئن ڪنهن ڇيلي کي چيڙيو ڦاڙيو ويندو آهي. پر هن جيڪي ڪجھہ ڪيو سو نہ پنهنجي پيءُ کي ٻڌايائين، نڪي پنهنجي ماءُ کي.


تڏهن آءٌ انهيءَ جي پٺيان ويندو آهيان ۽ انهيءَ کي ماري، سندس وات مان اهو ڇڏائيندو آهيان. جڏهن هو مون تي اُلر ڪري ايندو آهي، تڏهن آءٌ هن کي کاڏيءَ کان پڪڙي ماري ماري ختم ڪري ڇڏيندو آهيان.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ