Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




قاضين 14:4 - Muslim Sindhi Bible

4 سمسون جي ماءُ پيءُ کي اها خبر ڪانہ هئي تہ اها ڳالهہ خداوند وٽان آهي، جنهن فلستين سان وڙهڻ جو موقعو پئي تلاش ڪيو، ڇاڪاڻ تہ انهيءَ وقت فلستي بني اسرائيل تي حڪمراني ڪندا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

4 پر هن جي ماءُ پيءُ کي اها خبر نہ هئي تہ اها ڳالهہ خداوند وٽان آهي؛ ڇالاءِ جو هن فلستين سان وڙهڻ جو وجهہ پئي ڳوليو. هاڻي انهيءَ وقت فلستين جو اسرائيل تي حڪم هلندو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




قاضين 14:4
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو رحبعام ماڻهن جي هڪ بہ نہ ٻڌي، ڇو تہ اها ڳالهہ خداوند جي طرفان طئي ٿيل هئي، تہ جيئن خداوند جيڪي اخياہ سيلائيءَ جي معرفت يربعام ولد نباط سان ڳالهايو هو سو پورو ٿئي.


”خداوند فرمائي ٿو تہ ’اوهين پنهنجن بني اسرائيل ڀائرن سان جنگ ڪرڻ نہ وڃجو. اوهان مان هر ڪو ماڻهو پنهنجي پنهنجي گھر ڏانهن موٽي وڃي، ڇاڪاڻ تہ اهو ڪم منهنجو ڪيل آهي.‘“ تڏهن هنن خداوند جو حڪم مڃيو ۽ پنهنجي پنهنجي گھر موٽي ويا.


اڃا هن انهن سان ڳالهايو ئي پئي تہ اهو قاصد وٽس آيو ۽ اچي کيس چيو تہ ”بادشاهہ چوي ٿو تہ ’هيءَ آفت تہ خداوند ئي موڪلي آهي. پوءِ آءٌ ڇو وڌيڪ خداوند جي مدد جو انتظار ڪريان؟‘“


سو رحبعام ماڻهن جي هڪ بہ نہ ٻڌي، ڇو تہ اها ڳالهہ خدا جي طرفان طئي ٿيل هئي، تہ جيئن خداوند جيڪي اخياہ سيلائيءَ جي معرفت يربعام ولد نباط سان ڳالهايو هو سو پورو ٿئي.


يورام وٽ اچڻ جي وقت خدا جي طرفان اخزياہ جي بربادي لکجي ويئي، ڇاڪاڻ تہ جڏهن هو آيو تہ يورام سان گڏجي نمشيءَ جي پوٽي ييهوءَ سان جنگ ڪرڻ لاءِ روانو ٿيو، جنهن کي اڳ ۾ ئي خداوند اخي‌اب جي گھراڻي کي برباد ڪرڻ لاءِ چونڊي ڇڏيو هو.


پر امصياہ سندس ڳالهہ تي ڌيان نہ ڏنو ۽ پنهنجي ارادي تي قائم رهيو. اهو ائين ئي ٿيو جيئن خدا چاهيو ٿي تہ انهن کي سندن دشمنن جي حوالي ڪري ڇڏي، ڇاڪاڻ تہ هو ادومين جي معبودن جا طالبو ٿي ويا هئا.


جڏهن تہ اسان جو خدا عرش عظيم تي آهي، ۽ هن کي جيڪي وڻي ٿو سو هو ڪري ٿو.


تڏهن وزير ۽ والي موقعي جي تاڙ ۾ رهڻ لڳا، تہ جيئن حڪمرانيءَ جي نسبت ۾ دانيال جو ڪو قصور هٿ ڪن. پر هو اهڙو ڪوبہ قصور هٿ ڪري نہ سگھيا، ڇاڪاڻ تہ دانيال ديانتدار هو ۽ منجھس ڪابہ گھٽتائي يا غفلت ڪين هئي.


تڏهن هاڻي بک، اُڃ، اوگھڙ ۽ هر شيءِ جي محتاجيءَ ۾ اوهان انهن دشمنن جي تابعداري ڪندا، جيڪي خداوند اوهان تي موڪليندو. خداوند اوهان جي ڳچيءَ ۾ لوهہ جي پاڃاري وجھي ڇڏيندو، جيستائين اوهان کي برباد نہ ڪري ڇڏي.


ان جو سبب هي هو جو خداوند ئي هنن جون دليون سخت ڪيون هيون تہ جيئن اهي بني اسرائيل سان اچي جنگ ڪن ۽ بني اسرائيل هنن کي صفا ناس ڪري ڇڏين ۽ سمورا بي‌رحميءَ سان ماريا وڃن، جيئن خداوند موسيٰ کي فرمايو هو.


بني اسرائيل وري بہ اهي ساڳيائي ڪم ڪرڻ لڳا جيڪي خداوند جي نظر ۾ برا هئا. سو خداوند هنن کي چاليهن سالن تائين فلستين جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيو.


سو سمسون پنهنجي ماءُ پيءُ سان تمنت ڏانهن ويو. جڏهن هو تمنت جي انگورن جي باغ جي ويجھو اچي پهتا، تڏهن سمسون ڏٺو تہ هڪڙو جوان شينهن مٿس گجڪار ڪري چڙهندو پيو اچي.


تڏهن يهوداہ جا ٽي هزار ماڻهو ايتام واري ٽڪر جي غار ڏانهن ويا ۽ سمسون کي وڃي چيائون تہ ”ڇا تو کي اهو خيال ڪونہ ٿو ٿئي تہ فلستي اسان جي مٿان حاڪم آهن؟ تو اسان سان هي ڇا ڪيو آهي؟“ هن کين جواب ڏنو تہ ”مون هنن سان اهو ئي ڪجھہ ڪيو آهي جيڪي هنن مون سان ڪيو.“


سمسون کين چيو تہ ”هن دفعي جيڪڏهن آءٌ فلستين کي ڪو نقصان پهچايان تہ مون تي ڪوبہ ڏوهہ نہ آهي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ