Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




قاضين 14:17 - Muslim Sindhi Bible

17 تنهن تي دعوت واري ستين ڏينهن تائين هوءَ پنهنجي مڙس اڳيان روئندي رهي. آخر ستين ڏينهن سمسون کيس اها ڳجھارت ٻڌائي، ڇو تہ سندس زال کيس گھڻو تنگ ڪيو. پوءِ هن جي زال وڃي اها ڳجھارت پنهنجي قوم کي ٻڌائي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

17 ۽ اُهي ست ڏينهن جن ۾ اُها مجلس پئي هلي، سي هن سندس اڳيان پئي رنو: ۽ هيئن ٿيو تہ ستين ڏينهن جڏهن هن کيس گهڻو زور ڪيو تڏهن هن اُها ٻڌايس. پوءِ هن وڃي اُها پنهنجي قوم جي ماڻهن کي ٻڌائي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




قاضين 14:17
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

عورت ڏٺو تہ وڻ ڏسڻ ۾ ڪهڙو نہ سهڻو آهي ۽ ان جو ميوو کائڻ ۾ ڪيڏو نہ سٺو هوندو، سو سندس دل چاهڻ لڳي تہ ”آءٌ اهو کائي سمجھہ حاصل ڪريان.“ تڏهن ان ميوي مان ٿورو کڻي کاڌائين. پوءِ ان منجھان ٿورو پنهنجي مڙس کي بہ ڏنائين ۽ ان بہ کاڌو.


تڏهن سندس زال چيس تہ ”اڃا بہ تون پنهنجي سچائيءَ تي قائم رهندين ڇا؟ خدا جي خلاف ڪفر ڳالهاءِ ۽ مري وڃ.“


مٺيون مٺيون ڳالهيون ڪري هن کيس موهي وڌو ۽ پنهنجي چاپلوسيءَ وارين ڳالهين سان کيس ڌتاري ورتائين.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”هو پنهنجي زبان کي ڪُوڙ ڳالهائڻ لاءِ ائين تيار ٿا رکن، جيئن ڪو تيرڪمان تير وسائڻ لاءِ تيار رکبو آهي. هو سچ جي ذريعي نہ، بلڪ ڪوڙ جي ذريعي ملڪ ۾ زور وٺندا وڃن ٿا. هو گناهن پٺيان گناهہ ڪن ٿا پيا ۽ منهنجي سڃاڻ ڇڏي ڏني اٿائون.


سو اي بني اسرائيل! اوهين ڪنهن تي بہ اعتبار نہ ڪريو، توڙي جو اهو اوهان جو بهترين دوست ئي ڇو نہ هجي. اوهين هر ڳالهہ بيحد احتياط سان ڪريو، توڙي جو پنهنجي پياري زال سان ئي ڇو نہ ڳالهايو.


آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ هو اوهان جي دوستيءَ جي ڪري نہ بہ اُٿي، پر اوهان جي بار بار گھرندو رهڻ جي ڪري هو اٿندو ۽ جيتريون مانيون اوهان کي گھرج ۾ هونديون اوتريون ڏيندو.


تڏهن سمسون جي زال پنهنجي مڙس وٽ روئندي ويئي ۽ کيس چوڻ لڳي تہ ”تون مون کان نفرت ٿو ڪرين، مون کي سچ پچ پيار نہ ٿو ڪرين. تو منهنجيءَ قوم جي ماڻهن کي ڪا ڳجھارت ڏني آهي، پر انهيءَ جو مطلب تو مون کي بہ نہ ٻڌايو آهي.“ هن وراڻيس تہ ”اها تہ مون پنهنجي ماءُ پيءُ کي بہ ڪين ٻڌائي آهي، پوءِ آءٌ تو کي ڪيئن ٻڌائيندس؟“


ستين ڏينهن سج لهڻ کان اڳي شهر جي ماڻهن سمسون کي وڃي چيو تہ ”ماکيءَ کان وڌيڪ ڪا ٻي بہ مٺي شيءِ آهي ڇا؟ شينهن کان وڌيڪ زورآور ڪو ٻيو بہ آهي ڇا؟“ تنهن تي سمسون کين وراڻيو تہ ”جيڪڏهن اوهين منهنجي گابيءَ سان هر نہ ڪاهيو ها، تہ اوهين منهنجي ڳجھارت هرگز نہ ڀڃي سگھو ها.“


پوءِ دليلہ کيس چيو تہ ”تون اڃا تائين مون کي بي‌وقوف پيو بڻائين ۽ ڪوڙ ٿو ڳالهائين. مون کي ٻڌاءِ تہ ڇا سان تو کي ٻڌي سگھجي ٿو؟“ سمسون وراڻيس تہ ”جيڪڏهن تون منهنجي مٿي جي وارن جون ست چڳون آڏاڻي ۾ اُڻندي، انهن کي ڪاٺ ۾ ڦاسائي، ڪاٺ کي پيچ سان ڪسي منجھس ڪلي وجھي ڇڏيندينءَ تہ آءٌ ڪمزور ٿي عام ماڻهوءَ جهڙو ٿي پوندس.“


هوءَ کيس روز بروز پنهنجي ڳالهين سان تنگ ڪرڻ لڳي. اهڙيءَ طرح هن کيس نڪ ۾ دم ڪري ڇڏيو.


سو دليلہ سمسون کي چيو تہ ”تنهنجي هيتري طاقت جو راز ڇا آهي ۽ ڪهڙيءَ طرح تو کي ٻڌي بي‌وس بڻائي ٿو سگھجي؟“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ