11 جڏهن فلستين هن کي ڏٺو تڏهن ٽيهہ ڄڻا هن جي سنگت لاءِ آندائون تہ جيئن هن سان گڏ رهن.
11 ۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن انهن هن کي ڏٺو تڏهن ٽيهہ ڄڻا هن جي سنگت لاءِ آندائون.
ڇا تون مهاڻن سان انهيءَ جو واپار ڪري ٿو سگھين؟ ڇا واپاري انهيءَ کي وڍي ٽُڪي وڪرو ڪري ٿا سگھن؟
اي منهنجي پياري! اي منهنجي ڪنوار! آءٌ پنهنجي هن باغ ۾ آيو آهيان، ۽ انهيءَ جي مُر ۽ مصالحن جي خوشبوءِ مان لطف پيو ماڻيان. آءٌ هن پنهنجي باغ جي ماناري مان ماکي کائي رهيو آهيان. آءٌ هن باغ جي مئي ۽ کير پي رهيو آهيان. اي پيار ڪرڻ وارؤ! خوب کائو ۽ پيئو، ايتري تائين جو پيار ۾ مدهوش ٿي وڃو.
تنهن تي عيسيٰ وراڻين تہ ”جيستائين گھوٽ ڄاڃين سان گڏ آهي تيستائين هو ڪي غمگين رهندا ڇا؟ پر ڪو وقت ايندو جڏهن گھوٽ انهن کان جدا ڪيو ويندو تہ ان وقت هو بہ روزا رکندا.
گھوٽ اهو آهي جنهن جي ڪنوار آهي. پر گھوٽ جو دوست جيڪو سندس بيٺو ٻُڌي ٿو، سو انهيءَ تي ئي ڏاڍو خوش ٿو ٿئي. آءٌ انهيءَ گھوٽ جو دوست آهيان ۽ هاڻي منهنجي خوشي پوري ٿي آهي.
هن جو پيءُ انهيءَ ڇوڪريءَ جي گھر ويو. سمسون اتي هڪ دعوت ڪئي، ڇو تہ رواج موجب گھوٽ ائين ڪندا هئا.
سمسون انهن کي چيو تہ ”آءٌ اوهان کي هڪڙي ڳجھارت ٿو ڏيان. جيڪڏهن اوهين اها دعوت وارن ستن ڏينهن جي اندر ڀڃي ويا تہ آءٌ اوهان کي ٽيهہ عمدي سڻيءَ جون پوشاڪون ۽ ٽيهہ ڪپڙن جا وڳا ڏيندس.
تڏهن هنن ڊوڙي وڃي هن کي اتان ڪڍي آندو. جڏهن هو ماڻهن منجھہ اچي بيٺو تہ هنن ڏٺو تہ سندس قد ايترو تہ ڊگھو هو جو سڀيئي ماڻهو سندس ڪلهن تائين ٿي آيا.
جڏهن اهي اتي اچي پهتا تڏهن يسيءَ جي پٽ الياب ڏانهن نهاري سموئيل دل ۾ چيو تہ ”پڪ سان خداوند جو مقرر ڪيل اهو آهي جيڪو خداوند اڳيان بيٺو آهي.“