Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




قاضين 13:8 - Muslim Sindhi Bible

8 تڏهن منوحہ خداوند کان دعا گھري تہ ”اي مالڪ! جنهن ماڻهوءَ کي تو موڪليو هو، مهرباني ڪري تنهن کي وري بہ اسان وٽ موڪل، تہ اچي اسان کي ٻڌائي تہ ٻار جي ڄمڻ کان پوءِ اسين ان ٻار سان ڪهڙي هلت ڪريون.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

8 تڏهن منوحہ خداوند کي منٿ ڪئي ۽ چيو تہ اي خداوند، آءٌ عرض ٿو ڪريان تہ جنهن پنهنجي ماڻهوءَ کي تو موڪليو هو، تنهن کي وري بہ اسان وٽ اچڻ ڏي، تہ اسان کي سيکاري تہ جيڪو ٻار ڄمي تنهن سان ڪهڙي هلت ڪريون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




قاضين 13:8
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇا تو خدا کي چيو آهي تہ هو تو کي تنهنجا عيب ڏيکاري؟ ڇا تو مڃيو آهي تہ ’آءٌ وري اهڙو ڏوهہ ڪين ڪندس؟‘


هاڻي اُٿ ۽ شهر ۾ وڃ، جتي تو کي ٻڌايو ويندو تہ تو کي ڇا ڪرڻ گھرجي.“


تڏهن منوحہ اُٿي پنهنجيءَ زال جي پٺيان هليو. هو انهيءَ ماڻهوءَ وٽ آيو ۽ پڇيائينس تہ ”ڇا تون اهو ئي ماڻهو آهين جنهن هن عورت سان ڳالهايو هو؟“ هن وراڻيو تہ ”هائو، آءٌ اهو ئي آهيان.“


هڪ ڏينهن خداوند جي ملائڪ انهيءَ عورت کي ڏيکاري ڏني ۽ چيائينس تہ ”جيتوڻيڪ تون سنڍ آهين ۽ ٻار ڪونہ ٿي ڄڻين، تڏهن بہ تون جلد پيٽ سان ٿيندينءَ ۽ پٽ ڄڻيندينءَ.


تڏهن انهيءَ عورت اچي پنهنجي مڙس کي ٻڌايو تہ ”هڪڙو خدا جو ٻانهو مون وٽ آيو. هن جي شڪل خدا جي ملائڪ جهڙي بيحد خوفائتي هئي. نڪي مون کانئس پڇيو تہ هو ڪٿان ٿو اچي، نہ ئي وري هن مون کي پنهنجو نالو ٻڌايو.


مون کي رڳو ايترو چيائين تہ ’تون پيٽ سان ٿيندينءَ ۽ پٽ ڄڻيندينءَ. سو هاڻي تون ڪنهن بہ قسم جي مئي يا ڪا ٻي نشي واري شيءِ نہ پيءُ، ۽ نہ وري ڪابہ ناپاڪ شيءِ کائج، ڇوجو اهو ٻار ماءُ جي پيٽ کان ئي مرڻ تائين خدا جو ناذير ٿيندو.‘“


خدا منوحہ جي دعا قبول ڪئي ۽ سندس ملائڪ وري بہ انهيءَ عورت وٽ آيو جنهن وقت هوءَ ٻنيءَ ۾ ويٺي هئي. تڏهن سندس مڙس منوحہ ساڻس گڏ نہ هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ