Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




قاضين 13:7 - Muslim Sindhi Bible

7 مون کي رڳو ايترو چيائين تہ ’تون پيٽ سان ٿيندينءَ ۽ پٽ ڄڻيندينءَ. سو هاڻي تون ڪنهن بہ قسم جي مئي يا ڪا ٻي نشي واري شيءِ نہ پيءُ، ۽ نہ وري ڪابہ ناپاڪ شيءِ کائج، ڇوجو اهو ٻار ماءُ جي پيٽ کان ئي مرڻ تائين خدا جو ناذير ٿيندو.‘“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

7 پر هن مون کي چيو تہ ڏس، تون پيٽ سان ٿيندينءَ ۽ پٽ ڄڻيندينءَ؛ ۽ تون شراب يا نشي جي شيءِ نہ پيئج، ۽ ڪابہ ناپاڪ شيءِ نہ کائج؛ ڇو جو اُهو ٻار ڄائي ڄم کان وٺي پنهنجي ساري ڄمار خدا جو نذير ٿيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




قاضين 13:7
6 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر هنن وراڻيو تہ ”اسين مئي نہ پيئنداسين، ڇاڪاڻ تہ اسان جي وڏي يهوناداب ولد ريڪاب اسان کي حڪم ڏنو هو تہ ’اوهين يا اوهان جو اولاد ڪڏهن بہ مئي نہ پيئي.


مون اوهان مان ڪي نبي ۽ ڪي ناذيري بڻايم. پوءِ اي اسرائيل وارؤ! مون کي ٻڌايو تہ ڇا اهو سچ ناهي؟


”بني اسرائيل کي چئُہ تہ ’جيڪڏهن ڪو مرد يا عورت ناذير ٿيڻ يعني پاڻ کي مون خداوند لاءِ وقف ڪرڻ خاطر خاص باس باسي،


سو هاڻ خبردار ٿيءُ، ڪنهن بہ قسم جي مئي يا ڪا ٻي نشي واري شيءِ نہ پيءُ، ۽ نہ وري ڪابہ ناپاڪ شيءِ کاءُ.


تڏهن انهيءَ عورت اچي پنهنجي مڙس کي ٻڌايو تہ ”هڪڙو خدا جو ٻانهو مون وٽ آيو. هن جي شڪل خدا جي ملائڪ جهڙي بيحد خوفائتي هئي. نڪي مون کانئس پڇيو تہ هو ڪٿان ٿو اچي، نہ ئي وري هن مون کي پنهنجو نالو ٻڌايو.


تڏهن منوحہ خداوند کان دعا گھري تہ ”اي مالڪ! جنهن ماڻهوءَ کي تو موڪليو هو، مهرباني ڪري تنهن کي وري بہ اسان وٽ موڪل، تہ اچي اسان کي ٻڌائي تہ ٻار جي ڄمڻ کان پوءِ اسين ان ٻار سان ڪهڙي هلت ڪريون.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ