Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




قاضين 13:22 - Muslim Sindhi Bible

22 پوءِ منوحہ پنهنجيءَ زال کي چيو تہ ”اسين پڪ مري وينداسين، ڇاڪاڻ تہ اسان خدا کي ڏٺو آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

22 پوءِ منوحہ پنهنجي زال کي چيو تہ اسين ضرور مري وينداسين، ڇالاءِ جو اسان خدا کي ڏٺو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




قاضين 13:22
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو يعقوب انهيءَ جاءِ جو نالو هي چوندي فني‌ايل رکيو تہ ”مون خدا کي آمهون سامهون ڏٺو تڏهن بہ منهنجي جان بچي ويئي.“


انهن بني اسرائيل جي خدا کي ڏٺو. سندس پيرن جي هيٺان ڄڻ تہ نيلم جي پٿر جهڙو فرش لڳل هو، اهو اهڙو تہ صاف هو جهڙو آسمان.


پوءِ موسيٰ، هارون، ندب، ابيهو ۽ بني اسرائيل جا ستر اڳواڻ مٿي چڙهي ويا.


وري چيائينس تہ ”آءٌ تنهنجي پيءُ جو خدا ۽ ابراهيم، اسحاق ۽ يعقوب جو خدا آهيان.“ اهو ٻڌي موسيٰ پنهنجو منهن کڻي لڪايو، ڇاڪاڻ تہ هو خدا ڏانهن نهارڻ کان ڊنو ٿي.


پر تون منهنجو منهن ڏسي ڪين سگھندين، ڇاڪاڻ تہ اهڙو ڪوبہ انسان ڪونهي، جيڪو مون کي ڏسي ۽ جيئرو رهي.“


تڏهن مون کان رڙيون نڪري ويون تہ ”آہ! مون سان تہ ويل ٿي ويو، آءٌ تہ ناس ٿي ويس. آہ! آءٌ جيڪي بہ ڳالهايان ٿو سو گناهن سان ڀريل آهي، بلڪ منهنجي پوري قوم جو ڳالهائڻ ٻولهائڻ گناهہ سان ڀريل آهي. پر تنهن هوندي بہ مون پنهنجي اکين سان ابدي بادشاهہ، خداوند قادرِمطلق کي ڏٺو آهي.“


ڪنهن بہ ماڻهوءَ خدا کي ڪڏهن ڪونہ ڏٺو آهي، پر سندس اڪيلي ئي فرزند، جيڪو ساڻس ويجھي ۾ ويجھو آهي، تنهن ئي کيس ظاهر ڪيو آهي.


بلڪ پيءُ، جنهن مون کي موڪليو آهي، تنهن پاڻ بہ مون بابت شاهدي ڏني آهي. پر اوهان نہ تہ ڪڏهن هن جو آواز ٻڌو آهي، نڪي سندس صورت ڏٺي اٿوَ،


انهيءَ لاءِ تہ اوهان کان وڏين ۽ طاقتور قومن کي اوهان جي اڳيان ڀڄائي ڪڍي ۽ اوهان کي انهن جي ملڪ ۾ پهچائي ۽ اهو ملڪ اوهان کي ورثي ۾ ڏئي، جيئن اڄوڪي ڏينهن ظاهر آهي.


ڇا اهڙو ڪو انسان آهي جنهن اسان وانگر باهہ جي وچ مان زندہ خدا کي ڳالهائيندي ٻڌو هجي ۽ پوءِ بہ جيئرو هجي؟


تڏهن جِدعون سمجھي ويو تہ اهو برابر خداوند جو ملائڪ هو. سو هن دهشت وچان چيو تہ ”آہ! اي خداوند خدا! مون تنهنجي ملائڪ کي روبرو ڏٺو آهي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ