Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




قاضين 13:20 - Muslim Sindhi Bible

20 جڏهن قربان‌گاهہ مان شعلو آسمان ڏانهن چڙهيو، تڏهن خداوند جو ملائڪ بہ انهيءَ شعلي ۾ مٿي چڙهي ويو. اهو ڏسندي منوحہ ۽ سندس زال سجدي ۾ ڪري پيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

20 ڇالاءِ جو هيئن ٿيو تہ جڏهن قربانگاهہ مان شعلو آسمان ڏانهن چڙهيو، تڏهن خداوند جو فرشتو بہ قربانگاهہ جي باهہ واري شعلي ۾ چڙهي ويو: ۽ منوحہ ۽ سندس زال ويٺي نهاريو؛ ۽ هو زمين تي منهن ڀر ڪري پيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




قاضين 13:20
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن ابرام جھڪي سجدو ڪيو ۽ خدا ساڻس هم‌ڪلام ٿي چيو تہ


جيئن هو ڳالهائيندا ۽ هلندا ٿي هليا، تيئن اوچتو ئي اوچتو باهہ جي هڪڙي گاڏي ۽ باهہ جا گھوڙا ظاهر ٿيا، جن هنن ٻنهي کي هڪٻئي کان ڌار ڪري ڇڏيو ۽ الياس هڪڙي واچوڙي ۾ آسمان ڏانهن کڄي ويو.


دائود مٿي نهاري ڏٺو تہ خداوند جو ملائڪ زمين ۽ آسمان جي وچ ۾ اگھاڙي تلوار يروشلم جي مٿان جھليو بيٺو آهي. تڏهن دائود ۽ اڳواڻ، جن کي کٿا ڍڪيل هئا، تن زمين تي سر رکي سجدو ڪيو.


دائود جڏهن اوڏانهن ويجھو پهتو، تڏهن اُروناہ دائود کي ڏٺو ۽ پنهنجي اَن ڳاهڻ واري پِڙ مان نڪري دائود جي اڳيان جھڪي منهن زمين تي رکي کيس تعظيم ڏنائين.


پوءِ دائود اتي خداوند جي لاءِ هڪڙي قربان‌گاهہ جوڙائي ۽ ساڙڻ واريون قربانيون ۽ سلامتيءَ جون قربانيون پيش ڪيائون. هن خداوند کان دعا گھري ۽ خداوند آسمان مان باهہ موڪلي کيس ورندي ڏني، جنهن اچي قربان‌گاهہ تي پيش ڪيل قربانيون ساڙي ڇڏيون.


خداوند خدا مٿي عرش تي پنهنجي تخت تي چڙهي ٿو، خوشيءَ جا نعرا لڳن ٿا ۽ نفيلون وڄايون وڃن ٿيون.


انهيءَ گنبذ جي مٿان هڪڙي شيءِ ڏسڻ ۾ ٿي آئي، جيڪا نيلم جي پٿر جي ٺهيل تخت جهڙي هئي. انهيءَ تخت جهڙي شيءِ جي مٿان هڪڙي انساني صورت جهڙي هستي ويٺل ڏسڻ ۾ ٿي آئي.


جيڪا اهڙي رنگدار ٿي ڏسڻ ۾ آئي جهڙا انڊلٺ جا رنگ. خداوند جي انهيءَ جلوي جي تجلي ڏسي آءٌ حزقي‌ايل منهن ڀر زمين تي سجدي ۾ ڪري پيس. تڏهن مون هڪڙو آواز ٻڌو جيئن ڪو ڳالهائي رهيو هجي.


مون انهيءَ هستيءَ جي ڳالهائڻ جو آواز ٻڌو ۽ اهو ٻڌندي ئي آءٌ منهن ڀر زمين تي ڪري پيس ۽ مون کي گَهري ننڊ وٺي ويئي.


ڏسندي ئي ڏسندي خداوند جي حضور مان باهہ نڪتي ۽ قربان‌گاهہ تي جيڪا ساڙڻ واري قرباني ۽ چرٻي رکي هئي تنهن کي ساڙي چٽ ڪري ڇڏيائين. جڏهن سڀني ماڻهن اهو حال ڏٺو تڏهن حيرت وچان رڙيون ڪندي سجدي ۾ ڪري پيا.


اهو آواز ٻڌي شاگرد ايترو تہ ڊڄي ويا جو پاڻ کي منهن ڀر زمين تي ڪيرائي ڇڏيائون.


اهو فرزند خدا جي جلوي جو تجلو ۽ سندس ذات جو پورو پورو نقش ٿي ڪري پنهنجي قدرت واري فرمان سان سڀني شين کي سنڀالي ٿو. هو اسان کي گناهن کان ڌوئي پاڪ صاف ڪرڻ بعد مٿي آسمان تي عظيم خدا جي ساڄي پاسي وڃي ويٺو.


تڏهن جِدعون گھر ويو ۽ هڪڙو ڇيلو ڪُهي تيار ڪيائين ۽ ڏهہ ڪلوگرام اٽي مان بي‌خميري مانيون پچايائين. اهو گوشت هن هڪڙي ٽوڪريءَ ۾ وڌو ۽ شوروو هڪڙي ٿانوَ ۾ وڌائين. پوءِ هن اهي آڻي شاهہ‌بلوط وڻ هيٺ خداوند جي ملائڪ جي اڳيان پيش ڪيا.


تڏهن خداوند جي ملائڪ انهيءَ لٺ جي چهنب سان جيڪا سندس هٿ ۾ هئي، گوشت ۽ بي‌خميري مانين کي ڇهيو. تڏهن ٽڪر مان باهہ ڀڙڪو کائي نڪتي ۽ انهيءَ گوشت ۽ بي‌خميري مانين کي ساڙي ڇڏيائين. پوءِ خداوند جو ملائڪ غائب ٿي ويو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ