Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




قاضين 13:12 - Muslim Sindhi Bible

12 تڏهن منوحہ کانئس وڌيڪ پڇيو تہ ”جيئن تون چوين ٿو تيئن جڏهن ٿئي تڏهن اهو ٻار ڇا ڪري ۽ سندس رهڻي ڪهڻي ڪهڙي قسم جي هجي؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

12 تڏهن منوحہ چيو تہ هاڻي جيئن تون چوين ٿو تيئن ڀلي ٿئي: اُهو ٻار ڪهڙي قسم جو ٿيندو؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




قاضين 13:12
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

نہ، مون ابراهيم کي چونڊيو ئي انهيءَ لاءِ آهي تہ هو پنهنجي پٽن ۽ پنهنجيءَ اولاد کي حڪم ڪري تہ اهي منهنجي فرمانبرداري ڪن ۽ حق سچ تي هلن. جيڪڏهن اهي ائين ڪندا تہ آءٌ ابراهيم لاءِ اهو سڀ ڪجھہ ڪندس جنهن جو مون ساڻس واعدو ڪيو آهي.“


اي خداوند! منهنجو ڀروسو تو تي ئي آهي، سو هر صبح جو مون کي پنهنجي ٻاجھہ عطا ڪر، ۽ جنهن واٽ تي مون کي هلڻ کپي سا مون کي ڏيکار، ڇاڪاڻ تہ منهنجي دل تو سان ئي لڳل آهي.


ننڍپڻ کان ئي سڌي رستي تي هلڻ سيکاريو وڃي، تہ اهي پوڙهائپ ۾ بہ انهيءَ رستي کان نہ ڦرندا.


تڏهن منهنجو پيءُ مون کي نصيحت ڪندي چوندو هو تہ ”جيڪڏهن تون منهنجي ڳالهين کي پوريءَ طرح پنهنجي ذهن ۾ رکندين ۽ انهن تي عمل ڪندو رهندين تہ پوءِ تون خوشحاليءَ واري زندگي گذاريندين.


اي پيئرؤ! اوهين پنهنجن ٻارن کي چڙ ڏياري ڪاوڙايو نہ، بلڪ کين اهڙي تربيت ۽ نصيحت ڏيئي سندن پالنا ڪريو جيڪا خداوند عيسيٰ کي پسند هجي.


تڏهن منوحہ اُٿي پنهنجيءَ زال جي پٺيان هليو. هو انهيءَ ماڻهوءَ وٽ آيو ۽ پڇيائينس تہ ”ڇا تون اهو ئي ماڻهو آهين جنهن هن عورت سان ڳالهايو هو؟“ هن وراڻيو تہ ”هائو، آءٌ اهو ئي آهيان.“


خداوند جي ملائڪ منوحہ کي وراڻيو تہ ”جيڪي ڳالهيون مون تنهنجيءَ زال کي ٻڌايون آهن تن تي هوءَ عمل ڪري.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ