Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




قاضين 13:1 - Muslim Sindhi Bible

1 بني اسرائيل وري بہ اهي ساڳيائي ڪم ڪرڻ لڳا جيڪي خداوند جي نظر ۾ برا هئا. سو خداوند هنن کي چاليهن سالن تائين فلستين جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

1 ۽ بني اسرائيل وري اُهي ڪم ڪرڻ لڳا جي خداوند جي نظر ۾ خراب هئا؛ ۽ خداوند انهن کي چاليهن سالن تائين فلستين جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




قاضين 13:1
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇا ڪو حبشي پنهنجي کل جو رنگ بدلائي سگھي ٿو؟ يا ڪو چيتو پاڻ تان دٻڪن جا نشان مَٽائي سگھي ٿو؟ ساڳيءَ طرح تون بہ نيڪي ڪري نہ ٿي سگھين، جيڪا بڇڙائيءَ جي عادي آهين.


خدا هر ڪنهن کي سندس عملن موجب اجر ڏيندو.


هاڻي وڌيڪ آءٌ ڇا ٻڌايان؟ هينئر ايترو وقت ڪانہ اٿم جو جِدعون، برق، سمسون، افتاح، يا وري دائود، سموئيل ۽ ٻين نبين جو ذڪر ڪريان.


بني اسرائيل وري بہ اهڙا ڪم ڪرڻ لڳا جيڪي خداوند جي نظر ۾ برا هئا. هو بعل ۽ عستارات معبودن ۽ ارام، صيدا، موآب، بني عمون ۽ فلستين جي معبودن جي پوڄا ڪرڻ لڳا. هنن خداوند کان منهن موڙيو ۽ سندس عبادت ڪرڻ ڇڏي ڏنائون.


تڏهن خداوند جو غضب بني اسرائيل تي ڀڙڪيو ۽ کين فلستين ۽ بني عمون جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيائين.


پوءِ هن وفات ڪئي ۽ کيس عماليقين جي جابلو علائقي ۾ افرائيم جي فرعاتون شهر ۾ دفن ڪيو ويو.


سمسون جي ماءُ پيءُ کي اها خبر ڪانہ هئي تہ اها ڳالهہ خداوند وٽان آهي، جنهن فلستين سان وڙهڻ جو موقعو پئي تلاش ڪيو، ڇاڪاڻ تہ انهيءَ وقت فلستي بني اسرائيل تي حڪمراني ڪندا هئا.


تڏهن يهوداہ جا ٽي هزار ماڻهو ايتام واري ٽڪر جي غار ڏانهن ويا ۽ سمسون کي وڃي چيائون تہ ”ڇا تو کي اهو خيال ڪونہ ٿو ٿئي تہ فلستي اسان جي مٿان حاڪم آهن؟ تو اسان سان هي ڇا ڪيو آهي؟“ هن کين جواب ڏنو تہ ”مون هنن سان اهو ئي ڪجھہ ڪيو آهي جيڪي هنن مون سان ڪيو.“


فلستين جي حڪمرانيءَ وارن ڏينهن ۾ سمسون ويهہ سال بني اسرائيل جو رهبر رهيو.


پوءِ بني اسرائيل اهي ڪم ڪيا جي خداوند جي نظر ۾ برا هئا ۽ هو بعل ديوتائن جي پوڄا ڪرڻ لڳا.


بني اسرائيل اهي ڪم ڪيا جيڪي خداوند جي نظر ۾ برا هئا. هنن خداوند پنهنجي خدا کي وساري ڇڏيو ۽ بعل ديوتائن ۽ عستارات ديوين جي پوڄا ڪرڻ لڳا.


اهود جي وفات کان پوءِ بني اسرائيل وري بہ اهڙا ڪم ڪرڻ لڳا جيڪي خداوند جي نظر ۾ برا هئا.


بني اسرائيل وري بہ اهي ئي ڪم ڪرڻ لڳا جيڪي خداوند جي نظر ۾ برا هئا، تنهنڪري خداوند انهن کي ستن سالن تائين مديانين جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيو.


پر هنن خداوند پنهنجي خدا کي وساري ڇڏيو. سو خداوند انهن کي حصور شهر جي فوج جي سپهہ‌سالار سيسرا جي هٿان، فلستين جي هٿان ۽ موآب جي بادشاهہ جي هٿان شڪست ڏياري کين انهن جي حوالي ڪري ڇڏيو.


اي فلستيؤ! مضبوط ٿيو ۽ مڙسي ڪريو، متان اوهين عبرانين جا غلام نہ بڻجي وڃو جيئن هو اوهان جا بڻيا هئا. سو مڙس ٿي وڙهو.“


اهڙيءَ طرح فلستي شڪست کائي ويا ۽ وري ڪڏهن بہ بني اسرائيل جي سرحد اندر نہ آيا. جيستائين سموئيل جيئرو هو تيستائين خداوند جو هٿ فلستين جي خلاف رهيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ