Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




قاضين 12:8 - Muslim Sindhi Bible

8 افتاح کان پوءِ بيت‌لحم وارو ابصان بني اسرائيل جو رهبر بڻيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

8 انهيءَ کان پوءِ ابصان بيت الحمي اسرائيل جو قاضي ٿيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




قاضين 12:8
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جنهن ۾ هنن سڀني قومن جا علائقا شامل آهن: قيني، قنزي، قدموني،


پر هوڏانهن خداوند بيت‌لحم اِفرات کي فرمائي ٿو تہ ”جيتوڻيڪ تون يهوداہ جي ننڍن ننڍن شهرن مان هڪ آهين، تڏهن بہ تو منجھان هڪڙو اهڙو شخص پيدا ٿيندو، جيڪو منهنجي طرفان بني اسرائيل جو حڪمران بڻبو. انهيءَ حڪمران جو گھراڻو پراڻي زماني کان وٺي قائم آهي.“


يهوديہ جي بادشاهہ هيروديس جي ڏينهن ۾ عيسيٰ يهوديہ جي بيت‌لحم ڳوٺ ۾ پيدا ٿيو. تڏهن ڪي نجومي اوڀر کان يروشلم ۾ آيا


انهيءَ ۾ قطات، نحلال، سمرون، ادالہ ۽ بيت‌لحم شامل هئا، ڪل ٻارهن شهر آس‌پاس وارن ڳوٺن سميت.


ابيملڪ کان پوءِ بني اسرائيل کي ڇڏائڻ لاءِ اِسڪار قبيلي مان تولع اٿيو، جيڪو فوہ جو پٽ ۽ دودي جو پوٽو هو. هو افرائيم جي جابلو علائقي ۾ سمير شهر منجھہ رهندو هو.


افتاح جِلعادي ڇهہ سال بني اسرائيل جو رهبر رهيو. پوءِ هن وفات ڪئي ۽ جِلعاد جي شهرن مان هڪ ۾ کيس دفن ڪيو ويو.


هن کي ٽيهہ پٽ ۽ ٽيهہ ڌيئر هيون. هن پنهنجيون سڀ ڌيئر ڌارين ۾ پرڻايون ۽ پنهنجي پٽن لاءِ ٽيهہ ڇوڪريون ڌارين مان ورتائين. ابصان ست سال بني اسرائيل جو رهبر رهيو.


تن ڏينهن ۾ هڪڙو جوان بني لاوي يهوداہ جي بيت‌لحم شهر ۾ رهندو هو.


جن ڏينهن ۾ بني اسرائيل تي ڪوبہ بادشاهہ ڪونہ هو، تن ڏينهن جي ڳالهہ آهي تہ افرائيم جي جابلو علائقي جي پرانهين پنڌ تي هڪڙو لاوي رهندو هو، جنهن يهوداہ واري بيت‌لحم شهر مان هڪڙي عورت سُريت ڪري پاڻ وٽ رکي هئي.


خداوند سموئيل کي چيو تہ ”تون ڪيستائين پيو سائول جي لاءِ افسوس ڪندين؟ جڏهن تہ مون پاڻ هن کان بني اسرائيل جي بادشاهي کسي ورتي آهي. سو هاڻي تون هڪڙي سڱ ۾ زيتون جو ڪجھہ تيل کڻ ۽ وڃ. آءٌ تو کي بيت‌لحم جي يسي نالي هڪڙي ماڻهوءَ ڏانهن موڪليان ٿو، ڇاڪاڻ تہ مون هن جي پٽن مان هڪڙي کي پنهنجي طرفان بادشاهہ مقرر ڪيو آهي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ