Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




قاضين 12:6 - Muslim Sindhi Bible

6 تڏهن جِلعادين چيس ٿي تہ ”چڱو، ڀلا چئُہ ’شبلت.‘“ تنهن تي هن ٿي چيو تہ ”سبلت،“ ڇاڪاڻ تہ افرائيمي ماڻهو انهيءَ لفظ جو اچار صحيح طرح چئي نہ ٿي سگھيا. اهڙيءَ طرح جِلعادي افرائيمين کي پڪڙي اردن درياءَ جي گھٽن تي قتل ڪندا ٿي ويا. سو انهيءَ وقت افرائيم جا ٻائيتاليهہ هزار ماڻهو قتل ٿي ويا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

6 تہ هنن ٿي چيس تہ تڏهن هاڻي چئُہ سبولت؛ ۽ هن چيو ٿي سبولت؛ ڇالاءِ جو هو انهيءَ لفظ جو اُچار برابر ڪري نٿي سگهيو؛ تنهن تي هو هنن کي جهلي يردن جي لنگهن تي قتل ڪندا هئا: انهيءَ وقت افرائيم جا ٻائيتاليهہ هزار ماڻهو قتل ٿي ويا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




قاضين 12:6
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ائين نہ ٿئي جو اها ٻوڏ مون کي ٻوڙي ڇڏي، يا آءٌ اُونهي سمنڊ ۾ غرق ٿي وڃان، يا وري قبر مون کي ڳهي وڃي.


آءٌ اونهيءَ ڌٻڻ ۾ لهندو ٿو وڃان، جنهن ۾ بيهڻ جي جاءِ ڪانهي. آءٌ اونهي پاڻيءَ ۾ اچي پيو آهيان، ۽ ڇوليون منهنجي مٿان گذرن ٿيون.


جھيڙي جي شروعات ائين آهي، جيئن ڪنهن درياءَ ۾ روڻ پئجي وڃي. تنهنڪري جھڳڙي ٿيڻ کان اڳ ئي جھيڙو ڪرڻ ڇڏي ڏيو.


پنهنجي ڪنهن ناراض ساٿيءَ کي پرچائڻ، ايترو ئي مشڪل آهي، جيترو ڪنهن مضبوط قلعي جي ديوار ڀڃي اندر داخل ٿيڻ. هائو، جيڪڏهن اوهين ساڻس جھيڙيندا، تہ هو بہ اوهان لاءِ پنهنجو در بند ڪري ڇڏيندو.


ڏاهو ماڻهو جيڪي ڳالهائي ٿو، تنهن سان هو عزت ٿو حاصل ڪري. پر بي‌عقل ماڻهو پنهنجي ڳالهائڻ سان پاڻ کي ئي نقصان ۾ وجھيو ڇڏي.


اي بني اسرائيل! اهو ڏينهن ايندو جڏهن خداوند فرات نديءَ کان وٺي مصر جي سرحد واري برساتي نهر تائين اوهان کي داڻو داڻو ڪري چونڊي گڏ ڪندو، جيئن بُهہ مان ڪڻڪ چونڊي الڳ ڪئي ويندي آهي.


عيسيٰ انهن جي خيالن کي ڄاڻيندي چيو تہ ”جنهن بہ بادشاهت ۾ ڏڦيڙ پوي ٿو سا برباد ٿيو وڃي ۽ جنهن بہ شهر يا گھر ۾ ڦيٽهڙو پوي ٿو سو بہ هلي نہ ٿو سگھي.


ٿوري دير کان پوءِ اتي بيٺلن بہ اچي پطرس کي چيو تہ ”پڪ سان تون عيسيٰ جي ساٿين مان هڪڙو آهين، ڇاڪاڻ تہ تنهنجي ڳالهائڻ مان ئي لڳي ٿو تہ تون بہ گليلي آهين.“


پر هن وري بہ انڪار ڪيو. ٿوري دير کان پوءِ اُتي بيٺلن بہ پطرس کي چيو تہ ”پڪ سان تون انهن مان ئي آهين، ڇو تہ تون بہ گليلي پيو لڳين.“


پر جيڪڏهن اوهين هڪٻئي کي چڪ هڻندا ۽ ڳڙڪائيندا ٿا وڃو تہ خبردار ٿجو، متان هڪٻئي کي چٽ ڪري سڀيئي برباد ٿي وڃو.


جِلعادين افرائيمين کي روڪڻ لاءِ اردن درياءَ جا گھٽ وڃي جھليا ۽ جڏهن ڪنهن افرائيمي ڀڳوڙي اچي ٿي چيو تہ ”مون کي پار ٽپڻ ڏيو،“ تڏهن جِلعاد جي ماڻهن کانئس پڇيو ٿي تہ ”تون افرائيمي آهين ڇا؟“ جيڪڏهن هن ٿي چيو تہ ”نہ،“


افتاح جِلعادي ڇهہ سال بني اسرائيل جو رهبر رهيو. پوءِ هن وفات ڪئي ۽ جِلعاد جي شهرن مان هڪ ۾ کيس دفن ڪيو ويو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ