Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




قاضين 11:8 - Muslim Sindhi Bible

8 تڏهن جِلعاد جي اڳواڻن افتاح کي چيو تہ ”اسان انهيءَ لاءِ تو ڏانهن رخ ڪيو آهي تہ تون اسان سان گڏجي هل ۽ بني عمون سان وڙهڻ ۾ اسان جي اڳواڻي ڪر. پوءِ تون اسان جِلعاد جي سڀني رهاڪن جو سردار ٿيندين.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

8 تڏهن جلعاد جي بزرگن افتاح کي چيو تہ اسين انهيءَ لاءِ تو وٽ موٽي آيا آهيون تہ تون اسان سان گڏجي هل، ۽ هلي بني عمون سان وڙهہ، ۽ جلعاد جي سڀني رهاڪن جو سردار ٿي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




قاضين 11:8
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن بادشاهہ يربعام خدا جي ٻانهي کي چيو تہ ”مهرباني ڪري خداوند خدا جنهن جو تون خاص ٻانهو آهين، تنهن کان منهنجي لاءِ دعا گھر ۽ کيس سوال ڪر تہ منهنجو هٿ وري ٺيڪ ٿي پوي.“ سو انهيءَ خدا جي ٻانهي خداوند کان دعا گھري تہ بادشاهہ جو هٿ وري ٺيڪ ٿي ويو ۽ جهڙو اڳي هو تهڙو ئي ٿي پيو.


تنهنڪري هاڻي آءٌ عرض ٿو ڪريان تہ هڪڙو دفعو وري بہ منهنجو گناهہ معاف ڪريو ۽ خداوند پنهنجي خدا کان دعا گھرو تہ هيءَ موتمار سزا مون تان هٽائي.“


تڏهن فرعون چيو تہ ”آءٌ اوهان کي وڃڻ ڏيندس تہ ڀلي وڃي خداوند پنهنجي خدا جي لاءِ قرباني ڪريو. پر تمام پري نہ وڃجو ۽ منهنجي لاءِ بہ دعا گھرجو.“


تڏهن فرعون موسيٰ ۽ هارون کي گھرائي چيو تہ ”خداوند کان دعا گھرو تہ هي ڏيڏر مون تان ۽ منهنجي رعيت تان دفع ڪري، تہ آءٌ اوهان جي ماڻهن کي ڇڏيندس تہ وڃي خداوند لاءِ قرباني ڪن.“


اوهين خداوند کان دعا گھرو، ڇاڪاڻ تہ هاڻ ڪافي گجگوڙ ۽ ڳڙا پيا آهن. آءٌ واعدو ٿو ڪريان تہ اوهان کي وڃڻ ڏيندس. هاڻي اوهان کي هتي وڌيڪ ترسڻو نہ پوندو.“


تڏهن جِلعاد جي ماڻهن جا اڳواڻ هڪٻئي کي چوڻ لڳا تہ ”اُهو ڪهڙو ماڻهو آهي جيڪو بني عمون سان جنگ ۾ اڳواڻي ڪندو؟ جيڪو ائين ڪندو اهو ئي جِلعاد جي سڀني رهاڪن جو سردار مقرر ڪيو ويندو.“


تنهن تي افتاح جِلعاد جي اڳواڻن کي چيو تہ ”جيڪڏهن اوهين مون کي بني عمون سان وڙهڻ لاءِ موٽائي گھر وٺي ٿا هلو ۽ خداوند مون کي انهن تي سوڀ ڏئي، تہ ڇا پوءِ آءٌ واقعي اوهان جو سردار ٿيندس؟“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ