6 هنن افتاح کي چيو تہ ”هلي اسان جو سپهہسالار ٿيءُ تہ اسين بني عمون سان وڙهون.“
6 ۽ هنن افتاح کي چيو تہ هلي اسان جو سردار ٿي تہ اسين بني عمون سان وڙهون.
حالات اهڙا تہ خراب هوندا جو ماڻهو پنهنجي ڪنهن مائٽ کي چونڊي کيس چوندا تہ ”تو کي گھٽ ۾ گھٽ پائڻ لاءِ تہ ڪجھہ هوندو، سو اچ ۽ اسان جو حاڪم ٿيءُ، ۽ هن اجڙيل ملڪ تي حڪمراني ڪر.“
پوءِ بني عمون جنگ لاءِ تيار ٿي جِلعاد ۾ اچي خيما کوڙيا. بني اسرائيل بہ گڏ ٿي جِلعاد جي ويجھو مصفاہ ۾ اچي خيما کوڙيا.
تڏهن جِلعاد جا اڳواڻ افتاح کي طوب جي علائقي مان وٺي اچڻ لاءِ روانا ٿيا.
افتاح جِلعاد جي اڳواڻن کي چيو تہ ”اوهان مون کان نفرت ڪري مون کي پنهنجي پيءُ جي گھر مان ڪڍي ڇڏيو هو. هاڻي جڏهن مشڪلات ۾ اچي پيا آهيو تڏهن مون وٽ ڇو آيا آهيو؟“