تڏهن جِلعاد جي ماڻهن جا اڳواڻ هڪٻئي کي چوڻ لڳا تہ ”اُهو ڪهڙو ماڻهو آهي جيڪو بني عمون سان جنگ ۾ اڳواڻي ڪندو؟ جيڪو ائين ڪندو اهو ئي جِلعاد جي سڀني رهاڪن جو سردار مقرر ڪيو ويندو.“
اٽڪل هڪ مهيني کان پوءِ عمون جو بادشاهہ ناحس لشڪر وٺي جِلعاد علائقي جي شهر يبيس تي چڙهائي ڪري آيو ۽ شهر کي اچي گھيرو ڪيائين. تڏهن يبيس شهر جي ماڻهن ناحس کي چيو تہ ”اسان سان معاهدو ڪر تہ پوءِ اسين تنهنجي حڪمراني مڃينداسين.“