Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




قاضين 11:36 - Muslim Sindhi Bible

36 تڏهن هن وراڻيس تہ ”اي بابا! جيڪڏهن تو خداوند کي پنهنجي زبان ڏني آهي تہ جيڪي تو پنهنجي زبان سان چيو آهي سو ڀلي مون سان ڪر، ڇو تہ خداوند تنهنجي دشمنن بني عمون کان تنهنجو وير ورتو آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

36 تڏهن هن چيس تہ بابا جي تو خداوند جي اڳيان وات پٽيو آهي، تہ جيڪي تنهنجي واتان نڪتو هجي ان موجب تون ڀلي مون سان ڪر؛ ڇالاءِ جو خداوند تنهنجي پاران تنهنجي دشمنن کان، يعني بني عمون کان وير ورتو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




قاضين 11:36
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهن کان پوءِ صدوق جي پٽ اخيمعض يوآب کي چيو تہ ”مون کي موڪل ڏي تہ ڊوڙي وڃي آءٌ بادشاهہ کي خوشخبري ڏيان تہ ڪيئن نہ خداوند سندس دشمنن کان بدلو ورتو آهي.“


ايتري ۾ اهو سوڊاني بہ اچي پهتو ۽ چوڻ لڳو تہ ”منهنجي آقا بادشاهہ جي لاءِ خوشخبري آهي تہ خداوند اڄوڪي ڏينهن انهن سڀني ماڻهن کان تنهنجو بدلو ورتو آهي، جن تنهنجي خلاف بغاوت ڪئي هئي.“


مفيبوست بادشاهہ کي وراڻيو تہ ”هو ڀلي سموري ئي زمين کڻي. منهنجي لاءِ اهو ئي ڪافي آهي تہ منهنجو آقا بادشاهہ صحيح سلامت پنهنجي گھر موٽي آيو آهي.“


”جڏهن ڪو ماڻهو خداوند آڏو ڪا باس باسي يا ڪو خاص فرض ادا ڪرڻ لاءِ پاڻ کي ٻڌل رکڻ جو قسم تي عهد ڪري، تہ پوءِ هو پنهنجو قول نہ ڀڃي، بلڪ جيڪي زبان مان نڪتو هجيس سو پورو ڪري.


پر مون کي پنهنجي جان جي ڳڻتي نہ آهي، نڪي اها منهنجي لاءِ ڪا قيمت رکي ٿي. مون کي رڳو اهو فڪر آهي تہ آءٌ پنهنجي ڊوڙ پوري ڪريان ۽ جيڪا خدمت خداوند عيسيٰ کان مون کي ڪرڻ لاءِ ملي آهي سا پوري ڪريان، يعني خدا جي فضل جي خوشخبري ٻڌائيندو رهان.


پر هن جواب ڏنو تہ ”اوهين روئي رڙي منهنجي دل ڇو ٿا ڀڃو؟ آءٌ يروشلم ۾ نہ رڳو خداوند عيسيٰ جي واسطي ٻڌجڻ لاءِ، بلڪ اتي مرڻ لاءِ بہ تيار آهيان.“


بلڪ هنن منهنجي جان بچائڻ واسطي پنهنجي جان بہ خطري ۾ وجھي ڇڏي هئي. انهن جو نہ فقط آءٌ پر غير قومن جون سموريون ڪليسيائون پڻ ٿورائتيون آهن.


ڇاڪاڻ تہ هو مسيح جي خدمت خاطر پنهنجي جان جوکي ۾ وجھي مرڻ تي هو. هن انهيءَ لاءِ ائين ڪيو تہ جيئن اوهان جي غير حاضريءَ سبب منهنجي خدمت ۾ اوهان جي طرفان جيڪا ڪمي رهجي ويئي هئي، تنهن کي هو پورو ڪري.


هڪڙو امورين جو بادشاهہ سيحون هو جيڪو حشبون ۾ ويهي پنهنجي ملڪ تي راڄ ڪندو هو. سندس بادشاهي برساتي نهر ارنون جي ڪناري واري شهر عروعير ۽ انهيءَ نهر جي وچ واري شهر کان وٺي ويندي برساتي نهر يبوق تائين هئي، جيڪا عمونين جي سرحد آهي. ان ۾ اڌ جِلعاد بہ شامل هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ