قاضين 11:34 - Muslim Sindhi Bible34 پوءِ افتاح مصفاہ ۾ پنهنجي گھر موٽي آيو، تڏهن ڇا ٿيو جو سندس ڌيءَ دڦ وڄائيندي ناچ ڪندي سندس استقبال لاءِ نڪري آئي. کيس اها هڪڙي ئي ڌيءَ هئي، ٻيو ڪوبہ پٽ يا ڌيءَ ڪونہ هئس. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible34 پوءِ افتاح مصفاہ ۾ پنهنجي گهر آيو، ۽ ڏسي تہ سندس ڌيءَ دف وڄائيندي ناچ ڪندي سندس استقبال لاءِ ٿي اچي؛ ۽ اُها هن جي هڪڙي ئي ڌيءَ هئي، ۽ ڪوبہ ٻيو اولاد ڪونہ هوس، نڪو پٽ نڪا ڌيءَ. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
خداوند فرمائي ٿو تہ ”آءٌ دائود جي گھراڻي ۽ يروشلم جي رهاڪن تي اهڙو روح نازل ڪندس جو اهي رحمدل ۽ دعا گھرندڙ ٿي پوندا. تڏهن هو مون تي يعني انهيءَ تي نگاهہ ڪندا، جنهن کي هنن گھاءُ ڏيئي ماريو هوندو. هو انهيءَ جي لاءِ ائين روڄ راڙو ڪندا، جيئن ڪو پنهنجي سڪيلڌي ٻار لاءِ ڪندو آهي. هو انهيءَ لاءِ ڏاڍو ڏک ڪندا، جيئن ڪو پنهنجي پهريتي ٻار لاءِ ڪندو آهي.