Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




قاضين 11:31 - Muslim Sindhi Bible

31 تہ جڏهن آءٌ بني عمون وٽان صحيح سلامت موٽي ايندس تڏهن منهنجي گھر جي دروازي مان پهريون جيڪو بہ مون سان ملڻ لاءِ نڪري ايندو سو تو خداوند جو ٿيندو. آءٌ انهيءَ کي ساڙڻ واري قربانيءَ طور پيش ڪندس.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

31 تہ هيئن ٿيندو تہ جڏهن آءٌ بني عمون وٽان صحيح سلامت موٽي ايندس، تڏهن منهنجي گهر جي دروازي مان جيڪي ٻاهر نڪرندو، سو خداوند جو ٿيندو، ۽ انهي کي آءٌ سوختني قرباني ڪري چاڙهيندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




قاضين 11:31
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ جيڪڏهن آءٌ صحيح سلامت موٽي پنهنجي پيءُ جي گھر ۾ ايندس، تہ پوءِ تون خداوند منهنجو خدا ٿيندين.


سڀيئي ماڻهو پنهنجي پنهنجي پسند جا رستا اختيار ڪندي پنهنجي دل کي ڪراهت وارين شين سان بيحد خوش ٿا رکن. هڪڙي پاسي اهي ڍڳي جي قرباني تہ ڪن ٿا، پر ٻئي پاسي وري انسانن جو قتل ٿا ڪن. هڪڙي پاسي اهي گھيٽي جي قرباني تہ ڪن ٿا، پر ٻئي پاسي وري پوڄا ۾ ڪتن جون سسيون ٿا مروڙين. هڪڙي پاسي اهي اناج جي قرباني تہ پيش ڪن ٿا، پر ٻئي پاسي وڃي وري سوئر جو رت ٿا پيش ڪن. هڪڙي پاسي اهي منهنجي نالي لوبان تہ ساڙين ٿا، پر ٻئي پاسي وڃي وري ڪنهن بت جي پوڄا ٿا ڪن.


اوهين خداوند پنهنجي خدا جي گھر ۾، ڪسبياڻيءَ يا لونڊي جي ڪمائيءَ مان باس نہ آڻجو، ڇاڪاڻ تہ انهن ٻنهي کان خداوند اوهان جي خدا کي نفرت آهي.


افتاح خداوند جي آڏو هڪ باس باسي تہ ”جيڪڏهن تون بني عمون تي مون کي سوڀ ڏيندين،


پوءِ افتاح بني عمون سان وڙهڻ لاءِ پار ويو ۽ خدا کيس سوڀ ڏني.


هن باس باسيندي چيو تہ ”اي قادرِمطلق خداوند! پنهنجي ٻانهيءَ جي دکي حال تي نظر ڪر، پنهنجي ٻانهيءَ کي ياد ڪر، وساري نہ ڇڏ. جيڪڏهن تون پنهنجي ٻانهيءَ کي هڪڙو پٽ عطا ڪندين تہ آءٌ انهيءَ کي سڄي حياتيءَ لاءِ تو خداوند جي وقف ڪنديس ۽ انهيءَ جي مٿي ۽ منهن تي ڪڏهن بہ پاڪي نہ گھمندي.“


تنهنڪري آءٌ هن کي خداوند جي لاءِ وقف ٿي ڪريان. هن کي سندس سڄي حياتيءَ لاءِ خداوند کي ٿي ڏيان.“ پوءِ هوءَ سموئيل کي اتي خداوند جي حضور ۾ ڇڏي هلي ويئي.


۽ سائول جي لشڪر ۾ اٽڪل ڏهہ هزار ماڻهو گڏ ٿي ويا. جڏهن جنگ افرائيم جي جابلو علائقي ۾ هر شهر تائين پکڙجي ويئي، تڏهن سائول هڪڙي وڏي غلطي ڪئي جو ماڻهن کي قسم ڏيئي چيائين تہ ”جيستائين شام نہ ٿئي ۽ آءٌ پنهنجي دشمنن کان وير نہ وٺان، تيستائين جيڪو کاڌو کائيندو سو لعنتي ٿيندو.“ تنهنڪري ماڻهن مان ڪنهن بہ ڪا شيءِ چکي بہ ڪونہ.


سائول چيو تہ ”اي يونتن! جيڪڏهن تون ماريو نہ وڃين تہ شل خدا مون سان ائين ڪري، بلڪ انهيءَ کان بہ وڌيڪ.“


انهن ڏينهن ۾ سموئيل جيڪو اڃا ٻار هو، سو سڻيءَ جي ڪپڙي جو مذهبي وڳو پهري خداوند جي خدمت ڪندو هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ