Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




قاضين 11:26 - Muslim Sindhi Bible

26 جڏهن تہ بني اسرائيل حشبون، عروعير ۽ انهن جي آس‌پاس وارن ڳوٺن ۽ برساتي نهر ارنون جي ڪناري وارن سڀني شهرن ۾ ٽي سؤ سالن کان رهيا پيا آهن، تڏهن ڇو ايتري عرصي ۾ اوهان انهن کان اهي موٽائي نہ ورتا آهن؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

26 جڏهن اسرائيلي حسبون ۽ ان جي شهرن ۾، عروعير ۽ ان جي شهرن ۾، ۽ ارنون جي پاسي جيڪي شهر آهن، تن سڀني ۾ ٽن سؤ سالن تائين رهيا پيا هئا؛ تڏهن ڇو ايتري عرصي ۾ اُهي اوهان هنن کان موٽائي نہ ورتا؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




قاضين 11:26
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اي عروعير شهر جا رهاڪؤ! رستي جي ڀر ۾ بيهي نظر ڦيرايو. موآب ملڪ کان ڀڄي نڪرندڙ هر مرد ۽ عورت کان پڇو تہ ’ڇا ٿيو آهي؟‘


تڏهن هن ڪنعان ملڪ ۾ رهندڙ ستن قومن کي ناس ڪري بني اسرائيل کي ان ملڪ جو مالڪ بڻايو.


موسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”موآب مان لنگھي وڃڻ کان پوءِ خداوند اسان کي فرمايو تہ ’هاڻي اوهين اُٿي روانا ٿيو ۽ برساتي نهر ارنون مان لنگھي پار وڃو. ياد رکو، مون حشبون جي اموري بادشاهہ سيحون کي سندس ملڪ سميت اوهان جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيو آهي. تنهنڪري اوهين انهيءَ جي ملڪ تي قبضو ڪرڻ شروع ڪريو ۽ ساڻس جنگ ڪريو.


برساتي نهر ارنون جي ڪناري واري شهر عروعير ۽ نهر جي وچ واري شهر کان وٺي جِلعاد تائين اهڙو ڪوبہ شهر ڪونہ هو جيڪو اسان جي قبضي ۾ نہ آيو. خداوند اسان جي خدا، اهي سڀيئي شهر اسان جي حوالي ڪيا.


تڏهن خداوند مون کي چيو تہ ’هن کان نہ ڊڄو. مون هن کي، سندس سڀني ماڻهن کي ۽ سندس سڄي ملڪ کي توهان جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيو آهي. توهين هن سان بہ ائين ئي ڪجو جيئن توهان امورين جي بادشاهہ سيحون سان ڪيو هو، جيڪو حشبون تي راڄ ڪندو هو.‘


جيئن اسان حشبون جي بادشاهہ سيحون سان ڪيو هو، تيئن ئي اسان هنن سڀني آباد شهرن کي مردن، عورتن ۽ ٻارن سميت بلڪل برباد ڪري ڇڏيو.


هڪڙو امورين جو بادشاهہ سيحون هو جيڪو حشبون ۾ ويهي پنهنجي ملڪ تي راڄ ڪندو هو. سندس بادشاهي برساتي نهر ارنون جي ڪناري واري شهر عروعير ۽ انهيءَ نهر جي وچ واري شهر کان وٺي ويندي برساتي نهر يبوق تائين هئي، جيڪا عمونين جي سرحد آهي. ان ۾ اڌ جِلعاد بہ شامل هو.


سندس بادشاهي حرمون جبل، سلڪہ ۽ جسُورين ۽ معڪاتين جي سرحد تائين سڄي بسن، جِلعاد جي باقي اڌ يعني حشبون شهر جي بادشاهہ سيحون جي علائقي جي سرحد تائين هئي.


۽ امورين جي بادشاهہ سيحون جيڪو حشبون تي راڄ ڪندو هو تنهن جا سڀ شهر، ويندي بني عمون جي سرحد تائين.


عروعير جيڪو برساتي نهر ارنون جي ڪناري تي آهي ۽ جيڪو شهر انهيءَ نهر جي وچ ۾ آهي تن کان وٺي ميدبا شهر جي ڀر واري سڄي ميدان سميت.


انهيءَ ۾ حشبون ۽ ان جا ميدان وارا سڀ شهر شامل آهن يعني ديبون، بامات‌بعل ۽ بيت‌بعل‌معون،


گھڻو عرصو گذري چڪو هو ۽ خداوند بني اسرائيل کي آس‌پاس وارن دشمنن کان آرام ڏنو هو. تنهن وقت ڌاري يشوع پيرسن ۽ وڏيءَ عمر جو ٿي ويو هو.


اهي انهيءَ سال کان وٺي لاڳيتو ارڙهن سالن تائين جِلعاد علائقي ۾ اردن درياءَ جي اوڀر طرف جتي اموري پڻ رهندا هئا، بني اسرائيل تي ظلم ڪندا ۽ کين ستائيندا رهيا.


سو ڪنعان ملڪ ۾ چاليهن سالن تائين امن وَ سڪون رهيو. پوءِ غتني‌ايل وفات ڪئي.


تنهن ڏينهن بني اسرائيل موآب قوم تي قبضو ڪري ورتو ۽ اسي سالن تائين ملڪ ۾ امن وَ سڪون رهيو.


اي خداوند! ڀل تنهنجا سڀ دشمن ائين برباد ٿين. تو کي پيار ڪرڻ وارا ڀل انهيءَ سج جيان هجن، جيڪو پوري آب وَ تاب سان اُڀري ٿو.“ پوءِ ملڪ ۾ چاليهن سالن تائين امن وَ امان رهيو.


اهڙيءَ طرح مديانين بني اسرائيل جي هٿان شڪست کاڌي ۽ وري پنهنجا منهن مٿي نہ ڪيائون. انهيءَ ملڪ ۾ جِدعون جي حياتيءَ ۾ چاليهہ سال امن وَ سڪون رهيو.


ابيملڪ بني اسرائيل مٿان ٽي سال بادشاهي ڪئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ