Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




قاضين 11:24 - Muslim Sindhi Bible

24 تنهنجو معبود ڪموس جيڪي تو کي ورثو ڪري ڏئي، تون اهو هٿ نہ ڪندين ڇا؟ ساڳيءَ طرح جن کي خداوند اسان جي خدا اسان جي لاءِ تڙي ڪڍيو آهي تن جي ملڪ تي اسان قبضو نہ ڪيون ڇا؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

24 جيڪي تنهنجي معبود ڪموس توکي ورثو ڪري ڏنو آهي سو تون جيڪر هٿ نہ ڪرين ڇا؟ انهي طرح جنهن کي خداوند اسان جي هٿان ڦرايو آهي، تن کي اسين ضرور هٿ آڻينداسين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




قاضين 11:24
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

يروشلم جي اوڀر ۾ هڪ جبل تي سليمان موآب جي ڪراهتي بت ڪموس لاءِ ۽ بني عمون جي ڪراهتي بت مولڪ لاءِ جدا جدا پوڄا گھر جوڙايا.


هائو، تو قديم زماني ۾ ڌارين قومن کي ڀڄائي سندن ملڪ ڪنعان ۾ کين آباد ڪيو. انهن قومن کي برباد ڪري تو پنهنجي قوم کي خوشحال بڻايو.


هن اتي رهندڙ قومن کي سندن اڳيان ڀڄائي ڪڍيو، ۽ انهن جي زمين بني اسرائيل جي قبيلن ۾ ورهائي ڇڏيائين. هائو، هن بني اسرائيل کي انهن جي گھرن ۾ آباد ڪيو.


پوءِ موآب وارا پنهنجي معبود ڪموس جي ڪري اهڙا تہ خوار خراب ٿيندا، جيئن اسرائيل وارا بيت‌ايل واري معبود جي ڪري ٿيا هئا، جنهن تي هنن توڪل رکيو هو.


اي موآب وارؤ! ويل آهي اوهان لاءِ! اي ڪموس معبود جا پوڄاريؤ! اوهين نيست وَ نابود ٿي ويندا، جڏهن تہ اوهان جا پٽ توڙي ڌيئرون قيد ڪري جلاوطن ڪيا ويندا.“


اي موآب وارؤ! جيئن تہ اوهين پنهنجن ڪوٽن ۽ پنهنجن خزانن تي ڀروسو ٿا رکو، سو اوهين بہ قيدي بڻايا ويندا. اوهان جو معبود ڪموس پنهنجي مذهبي اڳواڻن ۽ عملدارن سميت جلاوطن ڪيو ويندو.


جيئن تہ ٻي هر ڪا قوم الڳ الڳ معبودن جي پوڄا ۽ فرمانبرداري ڪري ٿي، پر اسين هميشہ هميشہ تائين خداوند پنهنجي خدا جي عبادت ۽ فرمانبرداري ڪندا رهنداسين.


سو اي موآب وارؤ! اوهان سان ڪيڏو نہ ويل آهي! اوهين جيڪي ڪموش ديوتا جا پوڄاري آهيو، سي بلڪل تباهہ وَ برباد ٿي ويا آهيو. اوهان جي معبود اوهان جي پٽن کي ڀاڄوڪڙ، ۽ اوهان جي ڌيئرن کي اسان جي بادشاهہ سيحون جون بانديون بڻجڻ ڏنو آهي.


جيڪي اهي ڪم ڪن ٿا، سي سڀ خداوند جي نظر ۾ نفرت جي لائق آهن. اهڙن ئي ڪراهت جهڙن ڪمن جي ڪري خداوند اوهان جو خدا انهن کي اوهان جي اڳيان اتان ڀڄائي ڪڍندو.


سو خداوند بني اسرائيل کي اُهو سڄو ملڪ ڏنو جنهن جي ڏيڻ جو هنن جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هئائين. اُهو هٿ ڪرڻ کان پوءِ هو انهيءَ ۾ رهڻ لڳا.


ڏسو، سڄي دنيا جي خداوند جي عهد واري صندوق اوهان جي اڳيان اڳيان اردن درياءَ ۾ وڃڻ واري آهي. اوهان کي انهيءَ مان خبر پوندي تہ زندہ خدا اوهان جي وچ ۾ موجود آهي ۽ هو ضرور ڪنعانين، حتين، حوين، فرزين، جِرجاشين، امورين ۽ يبوسين کي اوهان جي اڳيان اتان ڀڄائي ڪڍندو.


بني اسرائيل وري بہ اهڙا ڪم ڪرڻ لڳا جيڪي خداوند جي نظر ۾ برا هئا. هو بعل ۽ عستارات معبودن ۽ ارام، صيدا، موآب، بني عمون ۽ فلستين جي معبودن جي پوڄا ڪرڻ لڳا. هنن خداوند کان منهن موڙيو ۽ سندس عبادت ڪرڻ ڇڏي ڏنائون.


سو اي بني عمون جا بادشاهہ! هاڻ جڏهن خداوند، بني اسرائيل جي خدا امورين کي پنهنجي قوم بني اسرائيل جي لاءِ تڙي ڪڍيو آهي تہ پوءِ تون انهن جي ملڪ تي قبضو ڪري سگھندين ڇا؟


خداوند جو ملائڪ جِلجال مان بوڪيم ۾ آيو ۽ خداوند انهيءَ ملائڪ جي وسيلي بني اسرائيل کي چيو تہ ”مون اوهان کي مصر مان ڪڍي انهيءَ ملڪ ۾ آندو آهي، جنهن جي ڏيڻ جو مون اوهان جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو. مون چيو هو تہ ’اوهان سان ٻڌل پنهنجو عهد ڪڏهن بہ نہ ٽوڙيندس.


نعوميہ چيس تہ ”ڏس، تنهنجي ڏيرياڻي پنهنجي قوم ۽ پنهنجي مذهب ڏانهن موٽي وڃي ٿي. تون بہ ساڻس موٽي وڃ.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ