قاضين 11:21 - Muslim Sindhi Bible21 تڏهن خداوند، بني اسرائيل جي خدا سيحون ۽ سندس سڄي لشڪر کي بني اسرائيل جي هٿن ۾ ڏنو ۽ کين انهن تي فتح حاصل ٿي. سو اموري، جيڪي انهيءَ ملڪ ۾ رهندا هئا، تن جي سڄي ملڪ تي بني اسرائيل قبضو ڪري ورتو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible21 ۽ خداوند، اسرائيل جي خدا، سيحون ۽ سندس سڀ ماڻهو اسرائيل جي هٿن ۾ ڏنا، ۽ هنن انهن کي ماريو: انهيءَ طرح، اموري، جي انهيءَ ملڪ ۾ رهندا هئا، تن جي زمين اسرائيلين هٿ ڪئي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
اي اسرائيل وارؤ! حالانڪ مون ئي اوهان جي وڏن کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو، ۽ چاليهن سالن تائين بيابان ۾ سندن رهنمائي ڪيم. اوهان جي وڏن ڏٺو تہ مون ڪيئن انهن امورين کي ناس ڪري ڇڏيو، جيڪي ديال جي وڻ جيڏا قداور، ۽ شاهہبلوط جي وڻ جهڙا مضبوط هئا. هائو، مون مٿان کان سندن ميوو، ۽ هيٺان سندن پاڙون ناس ڪري ڇڏيون، انهيءَ لاءِ تہ اوهين امورين جي ملڪ جا وارث ٿيو.