Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




قاضين 11:2 - Muslim Sindhi Bible

2 جِلعاد کي پنهنجيءَ زال مان بہ پٽ هئا. جڏهن اهي وڏا ٿيا تڏهن هنن افتاح کي گھر مان ڌڪا ڏيئي ڪڍي ڇڏيو. هنن کيس چيو تہ ”تو کي اسان جي پيءُ جي گھر مان ڪوبہ ورثو ڪونہ ملندو، ڇاڪاڻ تہ تون ٻيءَ عورت جو پٽ آهين.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

2 ۽ جلعاد جي زال بہ هن کي پٽ ڄڻي ڏنا؛ ۽ جڏهن سندس زال جا پٽ وڏا ٿيا، تڏهن هنن افتاح کي هڪالي ڪڍيو، ۽ چيائونس تہ توکي اسان جي پيءُ جي گهر ۾ ڪوبہ ورثو ڪونہ ملندو، ڇالاءِ جو تون ٻيءَ زال جو پٽ آهين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




قاضين 11:2
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڪنعان ۾ اهڙو تہ اچي سخت ڏڪار پيو جو ابرام مصر ملڪ ۾ ڪجھہ وقت رهڻ لاءِ هليو ويو.


تڏهن سارہ ابراهيم کي چيو تہ ”هن ٻانهيءَ ۽ سندس پٽ کي ڪڍي ڇڏ. هن ٻانهيءَ جو پٽ تنهنجي ملڪيت ۾ منهنجي پٽ اسحاق سان وارث نہ ٿيندو.“


اي منهنجا ٻارؤ! ڏاهپ اوهان کي بدڪار عورت کان بچائيندي. هائو، انهيءَ گنهگار عورت کان، جيڪا اوهان کي بدڪاريءَ لاءِ پيار وچان سڏي ٿي.


اي منهنجا ٻارؤ! اوهين ڪنهن ٻئي جي زال تي مست نہ ٿيو. هائو، جيڪا پنهنجي مڙس سان ئي وفادار ناهي تنهن کي ڀاڪر نہ وجھو.


غير عورت جي چپن ۾ ماکيءَ جهڙو مٺاس هوندو آهي ۽ سندس منهن تيل کان بہ وڌيڪ سڻڀو لڳندو آهي. پر اوهين ٻئي ماڻهوءَ جي زال جي ورغلائڻ ۾ نہ اچجو،


پر پاڪ ڪلام ڇا ٿو چوي؟ اهو تہ ”ٻانهيءَ ۽ سندس پٽ کي ڪڍي ڇڏ، ڇاڪاڻ تہ ٻانهيءَ جو پٽ، آزاد زال جي پٽ سان گڏ هرگز وارث نہ ٿيندو.“


ڪوبہ غير شرعي طور ڄاول خداوند جي قوم ۾ حق حقوق رکندڙ فرد ٿي نہ ٿو سگھي، بلڪ ڏهين پيڙهيءَ تائين بہ سندس نسل مان ڪو اهڙو فرد ٿي نہ ٿو سگھي.


افتاح جِلعادي هڪڙو ڏاڍو همت وارو ۽ بهادر شخص هو. هو هڪڙي ڪسبياڻيءَ کي جِلعاد نالي شخص مان ڄائو هو.


تڏهن افتاح پنهنجي ڀائرن وٽان ڀڄي وڃي طوب علائقي ۾ رهڻ لڳو. اتي هن ڪن لچن‌لفنگن کي پاڻ ڏانهن ڇڪيو ۽ اهي ساڻس گڏجي ٻاهر وارداتون ڪندا هئا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ