Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




قاضين 11:1 - Muslim Sindhi Bible

1 افتاح جِلعادي هڪڙو ڏاڍو همت وارو ۽ بهادر شخص هو. هو هڪڙي ڪسبياڻيءَ کي جِلعاد نالي شخص مان ڄائو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

1 هاڻي افتاح جلعادي هڪڙو گهڻي همت وارو ۽ بهادر شخص هو، ۽ هڪڙي ڪسبياڻيءَ جو پٽ هو: ۽ افتاح جلعاد مان ڄائو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




قاضين 11:1
6 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ارام جي بادشاهہ جو هڪڙو سپهہ‌سالار هو جنهن جو نالو نعمان هو. پنهنجي مالڪ جي نظر ۾ هو وڏو ڳُڻن ڀريو ماڻهو هو ۽ سندس وڏي عزت هئي، ڇاڪاڻ تہ انهيءَ جي وسيلي خداوند ارام ملڪ کي فتح ڏني هئي. هو هڪ بهادر سپاهي هو، پر کيس ڪوڙهہ جهڙي چمڙيءَ جي بيماري هئي.


هاڻي وڌيڪ آءٌ ڇا ٻڌايان؟ هينئر ايترو وقت ڪانہ اٿم جو جِدعون، برق، سمسون، افتاح، يا وري دائود، سموئيل ۽ ٻين نبين جو ذڪر ڪريان.


تڏهن جِلعاد جي ماڻهن جا اڳواڻ هڪٻئي کي چوڻ لڳا تہ ”اُهو ڪهڙو ماڻهو آهي جيڪو بني عمون سان جنگ ۾ اڳواڻي ڪندو؟ جيڪو ائين ڪندو اهو ئي جِلعاد جي سڀني رهاڪن جو سردار مقرر ڪيو ويندو.“


جِلعاد کي پنهنجيءَ زال مان بہ پٽ هئا. جڏهن اهي وڏا ٿيا تڏهن هنن افتاح کي گھر مان ڌڪا ڏيئي ڪڍي ڇڏيو. هنن کيس چيو تہ ”تو کي اسان جي پيءُ جي گھر مان ڪوبہ ورثو ڪونہ ملندو، ڇاڪاڻ تہ تون ٻيءَ عورت جو پٽ آهين.“


تڏهن خداوند جي ملائڪ اتي کيس ڏيکاري ڏني ۽ چيائينس تہ ”خداوند تو ساڻ آهي، اي طاقت وارا بهادر مرد.“


تڏهن خداوند جِدعون، برق، افتاح ۽ آخر ۾ مون سموئيل کي موڪليو. اسان مان هر ڪنهن اوهان کي اوهان جي دشمنن، جيڪي اوهان جي چوڌاري هئا، تن جي هٿان ڇڏايو ۽ اوهين سلامتيءَ سان رهندا آيا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ