Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




قاضين 10:8 - Muslim Sindhi Bible

8 اهي انهيءَ سال کان وٺي لاڳيتو ارڙهن سالن تائين جِلعاد علائقي ۾ اردن درياءَ جي اوڀر طرف جتي اموري پڻ رهندا هئا، بني اسرائيل تي ظلم ڪندا ۽ کين ستائيندا رهيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

8 ۽ بني عمون انهيءَ سال ۾ بني اسرائيل کي ستايو، ۽ مٿن ظلم ڪيائون: يردن جي هن ڀر، امورين جي زمين جا جلعاد ۾ آهي، تنهن ۾ جيڪي اسرائيلي رهندا هئا، تن تي هنن ارڙهن ورهيہ برابر ظلم ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




قاضين 10:8
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهنڪري اوهان جي اها بڇڙائي اوهان جي قوم لاءِ اهڙي ثابت ٿيندي، جيئن ڪنهن وڏي ڀت ۾ ڏار پئجي وڃي، ۽ اها پاسي تي لڙي وڃي، ۽ پوءِ اها اوچتو ئي اوچتو هڪ لحظي ۾ ڪري ناس ٿي پوي.


منسيءَ جي پٽ مڪير جي اولاد جِلعاد علائقي تي وڃي قبضو ڪيو ۽ جيڪي اموري اتي رهندا هئا تن کي ڀڄائي ڪڍيائون.


جنهن وقت ماڻهو چوندا هوندا تہ ”ڪو ڊپ ڪونهي، اسين محفوظ آهيون،“ انهيءَ وقت اوچتو ئي اوچتو مٿن تباهي ائين اچي نازل ٿيندي جيئن پيٽ واري عورت کي سور ٿيڻ لڳندا آهن. تڏهن اهي هرگز نہ بچندا.


جڏهن يائير وفات ڪئي تڏهن کيس قامون شهر ۾ دفن ڪيو ويو.


تڏهن خداوند جو غضب بني اسرائيل تي ڀڙڪيو ۽ کين فلستين ۽ بني عمون جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيائين.


ان کان علاوہ بني عمون اردن درياءَ جي پار وڃي يهوداہ، بنيامين ۽ افرائيم قبيلن سان پڻ وڙهيا. انهيءَ ڪري بني اسرائيل ڏاڍا تنگ ٿيا.


مديانين جي ظالمانہ سلوڪ جي ڪري بني اسرائيل وڃي جبلن جي چرن، غارن ۽ ٻين مضبوط هنڌن تي پنهنجي لاءِ اجھا جوڙيا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ