5 جڏهن يائير وفات ڪئي تڏهن کيس قامون شهر ۾ دفن ڪيو ويو.
5 ۽ يائير وفات ڪئي ۽ قامون ۾ دفن ڪيو ويو.
يائير کي ٽيهہ پٽ هئا ۽ انهن سڀني کي سواريءَ لاءِ پنهنجو پنهنجو گڏهہ هو. انهن کي جِلعاد علائقي ۾ ٽيهہ شهر هئا جيڪي اڄ ڏينهن تائين يائير جا ڳوٺ سڏبا آهن.
بني اسرائيل وري بہ اهڙا ڪم ڪرڻ لڳا جيڪي خداوند جي نظر ۾ برا هئا. هو بعل ۽ عستارات معبودن ۽ ارام، صيدا، موآب، بني عمون ۽ فلستين جي معبودن جي پوڄا ڪرڻ لڳا. هنن خداوند کان منهن موڙيو ۽ سندس عبادت ڪرڻ ڇڏي ڏنائون.
اهي انهيءَ سال کان وٺي لاڳيتو ارڙهن سالن تائين جِلعاد علائقي ۾ اردن درياءَ جي اوڀر طرف جتي اموري پڻ رهندا هئا، بني اسرائيل تي ظلم ڪندا ۽ کين ستائيندا رهيا.