3 تولع کان پوءِ يائير جِلعادي اٿيو، جيڪو ٻاويهہ سال بني اسرائيل جو رهبر رهيو.
3 انهيءَ کان پوءِ يائير جلعادي اُٿيو؛ ۽ انهيءَ اسرائيل ۾ ٻاويهہ سال انصاف ڪيو.
لابن چيو تہ ”اڄ هي ڍڳ منهنجي ۽ تنهنجي وچ ۾ شاهد آهي.“ انهيءَ ڪري ئي انهيءَ جو نالو جِلعاد رکيو ويو.
”جيڪڏهن جد ۽ روبن قبيلي وارن مان هر ڪو مرد ماڻهو هٿيار ٻڌي خداوند جي نگهبانيءَ هيٺ اوهان سان گڏ اردن درياءَ جي پرينءَ ڀر جنگ تي هلي تہ جڏهن انهيءَ ملڪ تي اوهان جو قبضو ٿي وڃي، تڏهن اوهين جِلعاد جو علائقو انهن کي ملڪيت ڪري ڏجو.
هو ٽيويهہ سال بني اسرائيل جو رهبر رهيو. پوءِ هن وفات ڪئي ۽ کيس سمير شهر ۾ دفن ڪيو ويو.
يائير کي ٽيهہ پٽ هئا ۽ انهن سڀني کي سواريءَ لاءِ پنهنجو پنهنجو گڏهہ هو. انهن کي جِلعاد علائقي ۾ ٽيهہ شهر هئا جيڪي اڄ ڏينهن تائين يائير جا ڳوٺ سڏبا آهن.