قاضين 10:16 - Muslim Sindhi Bible16 پوءِ هو پنهنجن ڌارين معبودن کان جند ڇڏائي خداوند جي عبادت ڪرڻ ۾ لڳي ويا. بني اسرائيل جو برو حال خداوند کان وڌيڪ ڏٺو نہ ٿيو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible16 ۽ هنن پاڻ وٽان ڌاريا معبود ڪڍي ڇڏيا، ۽ خداوند جي عبادت ڪرڻ لڳا: ۽ اسرائيل جي بري حال ڪري هن جي دل ڏکڻ لڳي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
جڏهن بادشاهہ آسا عزرياہ ولد عودد نبيءَ جون اهي ڳالهيون ٻڌيون تڏهن هن جو حوصلو وڌيو. هن يهوداہ ۽ بنيامين جي سڀني علائقن مان، ۽ جيڪي شهر هن افرائيم جي جابلو علائقي ۾ قبضي ڪيا هيا تن مان ڪراهت جهڙيون مورتون ڪڍي ڇڏيون. هن خداوند جي قربانگاهہ جيڪا خداوند جي هيڪل جي ورانڊي جي اڳيان هئي، تنهن جي بہ مرمت ڪرائي.
تڏهن سموئيل بني اسرائيل جي سڀني ماڻهن کي چيو تہ ”جيڪڏهن اوهين پوريءَ دل سان خداوند آڏو توبهہتائب ٿا ٿيو، تہ پوءِ ڌارين معبودن ۽ عستارات ديويءَ جي مورتين کي پاڻ وٽان ڪڍي اڇلائي ڇڏيو ۽ پنهنجو پاڻ کي دل سان خداوند جي حوالي ڪري ڇڏيو ۽ رڳو انهيءَ جي ئي عبادت ڪريو. تڏهن ئي هو اوهان کي فلستين جي هٿن مان ڇڏائيندو.“