Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




قاضين 10:15 - Muslim Sindhi Bible

15 تڏهن بني اسرائيل خداوند کي چيو تہ ”اسان برابر گناهہ ڪيو آهي. تنهنڪري جيڪي تو کي مناسب نظر اچي سو اسان سان ڪر، پر مهرباني ڪري اڄ اسان کي بچاءِ.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

15 تڏهن بني اسرائيل خداوند کي چيو تہ اسان برابر گناهہ ڪيو آهي: جيڪي توکي مناسب نظر اچي سو اسان سان ڪر؛ اسين منٿ ٿا ڪريون تہ رڳو اڄ اسان کي بچاءِ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




قاضين 10:15
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تون رڳو همت ٻڌُ، تہ اسين پنهنجي قوم ۽ پنهنجي خدا جي شهرن لاءِ بهادري ڏيکاريون. پوءِ جيئن خداوند کي وڻي تيئن ئي ٿيندو.“


تڏهن دائود ناتن کي چيو تہ ”بيشڪ مون خداوند جو گناهہ ڪيو آهي.“ ناتن دائود کي چيو تہ ”پوءِ خداوند بہ تنهنجو گناهہ معاف ڪري ڇڏيو، سو تون مرندين ڪين.


پر جيڪڏهن هن چيو تہ ’آءٌ تو مان خوش نہ آهيان،‘ تہ پوءِ اِجھو، آءٌ تيار آهيان. جيئن کيس وڻي تيئن مون سان ڪري.“


پر ماڻهن جي شمار ڪرڻ کان پوءِ دائود جي دل بي‌چين ٿيڻ لڳي. سو هن خداوند کي چيو تہ ”جيڪي مون ڪيو آهي، سو هڪڙو وڏو گناهہ ڪيو اٿم. پر هاڻي اي خداوند! آءٌ عرض ٿو ڪريان تہ تون پنهنجي ٻانهي جو گناهہ معاف ڪر، ڇاڪاڻ تہ مون هي ڏاڍو بي‌عقليءَ وارو ڪم ڪيو آهي.“


دائود جاد کي وراڻيو تہ ”آءٌ ڏاڍي مصيبت ۾ آهيان. هاڻي اسان جو خداوند جي هٿ ۾ هلي پوڻ ئي بهتر آهي، ڇاڪاڻ تہ هن جون وڏيون رحمتون آهن. آءٌ ماڻهن جي هٿن ۾ نہ پوان تہ چڱو.“


پوءِ اهو انسان ماڻهن جي اڳيان اعتراف ڪندي چوي ٿو تہ ’بيشڪ مون گناهہ ڪيو هو، ۽ سچائيءَ جي راهہ کان ڦري ويو هئس، پر خدا مون کي سزا ڪين ڏني، جنهن جو آءٌ لائق هئس.


جيڪو پنهنجا گناهہ نہ ٿو باسي، سو زندگيءَ ۾ ڪڏهن بہ ڪامياب نہ ٿيندو. مگر جيڪو پنهنجا گناهہ قبول ڪندي انهن کان توبهہ‌تائب ٿئي ٿو، تنهن تي خدا پنهنجو رحم نازل ڪندو.


اي خداوند! مصيبت جي وقت اسين تنهنجا تابعدار بڻياسين. هائو، جڏهن تو اسان کي اهڙي سيکت ڏني، تڏهن اسان تو آڏو اچي ٻاڏايو.


اهو سڀ ڏسي مون پنهنجيءَ دل ۾ هي خيال ڪيو تہ ’شايد آءٌ تنهنجي اکين کان پري لوڌيو ويو آهيان،‘ پر تڏهن بہ اي خدا! آءٌ تنهنجي مقدس هيڪل کي هاڻي ڏسي سگھندس.


شايد خدا پنهنجو ارادو بدلائي پنهنجي شديد قهر کان باز اچي ۽ اسين برباديءَ کان بچي وڃون.“


هاڻي اسين اوهان جي هٿ ۾ آهيون. جيئن توهان کي چڱو ۽ مناسب ڏسڻ ۾ اچي تيئن ڀلي اسان سان ڪريو.“


پوءِ اهي خداوند کي پڪاري چوڻ لڳا تہ ’بيشڪ اسان گناهہ ڪيو آهي، جو تو خداوند کي ڇڏي بعليم ۽ عستارات ديوتائن جي پوڄا ڪئي اٿئون. پر هاڻي تون اسان کي اسان جي دشمنن جي هٿان ڇڏاءِ تہ اسين تنهنجي ئي عبادت ڪريون.‘


تڏهن سموئيل هن کي سڀ ڪجھہ ٻڌايو ۽ کانئس ڪجھہ بہ نہ لڪايائين. تنهن تي عيليءَ چيو تہ ”هو خداوند آهي ۽ جيڪي هن جي نظر ۾ چڱو لڳي سو هو ڀلي ڪري.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ