Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




قاضين 10:14 - Muslim Sindhi Bible

14 وڃي پنهنجن انهن معبودن کي پڪاريو جن جي اوهان ڪڍ لڳا آهيو. ڀلي تہ مصيبت جي وقت هو اوهان کي ڇڏائين.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

14 وڃي انهن پنهنجن معبودن وٽ دانهون ڪريو جي اوهان پسند ڪيا آهن؛ ڀلي تہ مصيبت جي وقت هو اوهان کي بچائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




قاضين 10:14
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اليشع اسرائيل جي بادشاهہ کي چيو تہ ”تنهنجو مون سان ڪهڙو واسطو آهي؟ تون پنهنجي پيءُ ۽ پنهنجي ماءُ جي نبين وٽ وڃ.“ تنهن تي اسرائيل جي بادشاهہ وراڻيو تہ ”نہ ائين نہ ٿيندو، ڇاڪاڻ تہ خداوند ئي اسان ٽنهي کي گڏ ڪيو آهي تہ جيئن هو اسان کي موآب جي بادشاهہ جي حوالي ڪري.“


سو اي اسرائيل جا اڳواڻؤ! اوهين پنهنجي سزا واري ڏينهن ڇا ڪندا؟ هائو، جڏهن ڪنهن ڏورانهين ملڪ جو لشڪر اچي اوهان تي ڪڙڪندو، تڏهن اوهين ڪيڏانهن ڀڄي سگھندا؟ اوهين پنهنجو شان وَ شوڪت ڪيئن بچائي رکندا؟


اهي ان کي پنهنجن ڪلهن تي کڻن ٿا، ۽ کڻي وڃي سندس جاءِ تي کوڙي ٿا ڇڏين. پوءِ اهو بيٺو ئي رهي ٿو، ۽ پنهنجيءَ جاءِ تان چري بہ نہ ٿو سگھي. جيڪڏهن ڪو انهيءَ کي پڪاري ٿو تہ هو انهيءَ کي ورندي بہ نہ ٿو ڏيئي سگھي، نڪي کيس مصيبت مان بچائي ٿو سگھي.


مصيبت جي وقت جڏهن اوهين مدد لاءِ دانهون ڪندا، تڏهن ڀلي تہ اوهان جا معبودن وارا گڏ ڪيل اهي بت اچي اوهان کي بچائين. ياد رکو، انهن سڀني کي تہ هڪڙي ڦوڪ ئي اُڏائي ڇڏيندي. پر جيڪڏهن اوهين پنهنجي حفاظت لاءِ مون وٽ ايندا، تہ پوءِ منهنجي پاڪ جبل، بلڪ هن سڄي ملڪ جا اوهين وارث ٿيندا.“


ڀلا، ان وقت اوهان جا اهي معبود ڪٿي هوندا آهن، جيڪي اوهان پنهنجي لاءِ جوڙيا آهن؟ جيڪڏهن اُهي اوهان کي مصيبت مان بچائي سگھن تہ ڀلي اچي اوهان کي بچائين. اي يهوداہ! جيترا تنهنجا شهر آهن اوترا ئي تو ۾ معبود آهن.“


سو هاڻ اي بني اسرائيل! جيڪڏهن منهنجي ٻڌڻ نہ ٿا چاهيو تہ پوءِ ڀلي وڃو ۽ وڃي پنهنجن بتن جي پوڄا ڪندي سندن آڏو نذرانا پيش ڪريو جنهن ڪم ڪرڻ ڪري منهنجي پاڪ نالي جي بي‌ادبي ٿي ٿئي. پر آءٌ اوهان کي خبردار ٿو ڪريان تہ اوهان کي انهيءَ ڪم کان آءٌ جلد باز آڻيندس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ