قاضين 1:7 - Muslim Sindhi Bible7 تڏهن ادونيبزق چوڻ لڳو تہ ”ستر بادشاهہ جن جي هٿن پيرن جا آڱوٺا وڍيل هئا، سي منهنجي دسترخوان تي ڪريل مانيءَ جا ڀورا گڏ ڪري کائيندا هئا. هاڻ خدا بہ بدلي ۾ مون سان ائين ئي ڪيو آهي جيئن مون انهن سان ڪيو هو.“ پوءِ کيس يروشلم ۾ آندو ويو جتي هو مري ويو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible7 تڏهن ادوني بزق چيو تہ ستر بادشاهہ هٿن پيرن جي آڱوٺن وڍيل، منهنجي دسترخاني هيٺ مانيءَ جا ڀور گڏ ڪري کائيندا هئا. جيئن مون ڪيو، تيئن خدا بہ مون کي بدلو ڏنو. پوءِ کيس يروشلم ۾ وٺي ويا، ۽ هو اُتي مري ويو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
ويل آهي اوهان لاءِ اي دشمنؤ! جيڪي ٻين کي تہ برباد ڪريو ٿا، پر پاڻ برباد نہ ڪيا ويا آهيو، هائو، اوهين جيڪي ٻين سان تہ ٺڳي ڪريو ٿا، پر اوهان سان ٺڳي نہ ڪئي ويئي آهي. مگر هاڻ جڏهن اوهين ٻين کي برباد ڪري بس ڪندا، تڏهن پاڻ برباد ڪيا ويندا. هائو، جڏهن اوهين ٻين سان ٺڳي ڪري بس ڪندا، تڏهن ماڻهو اوهان سان ٺڳي ڪندا.