Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




قاضين 1:33 - Muslim Sindhi Bible

33 نفتالي قبيلي وارن پڻ بيت‌شمس ۽ بيت‌عنات جي رهندڙن کي هڪالي نہ ڪڍيو. هو اتي جي رهندڙ ڪنعانين سان گڏ رهندا آيا ۽ کانئن بيگر جو ڪم وٺڻ لڳا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

33 نفتاليءَ بيت شمس جي رهاڪن، ۽ بيت عنات جي رهاڪن کي هڪالي نہ ڪڍيو، پر هو انهيءَ ملڪ جي رهندڙن ڪنعانين ۾ رهندو آيو: انهيءَ هوندي بہ بيت شمس، ۽ بيت عنات جا ماڻهو سندس ڍل ڀريندڙ ٿيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




قاضين 1:33
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو منهنجي سچائيءَ موجب خداوند مون کي اجر ڏنو، هائو، منهنجي ان بي‌قصوريءَ موجب، جيڪا سندس نظر آڏو هئي.


پوءِ اُها بعلہ کان اولهہ طرف ادوم جي جابلو علائقي ڏانهن ڦِري ۽ اتان يعريم جبل يعني ڪسلون جي اترينءَ لاهيءَ کان ٿيندي بيت‌شمس ڏانهن لهي اڳتي تمنہ ڏانهن ٽپي ويئي.


زبولون قبيلي وارن پڻ قطرون ۽ نهلال ۾ پاڻ سان رهندڙ ڪنعانين کي هڪالي نہ ڪڍيو، پر کانئن بيگر جو ڪم وٺڻ لڳا.


بني آشر اتي جي رهندڙ ڪنعانين سان گڏ رهندا آيا، ڇو تہ هنن کين هڪالي ڪونہ ڪڍيو.


امورين بني دان کي زور سان جابلو علائقي ڏانهن ڌڪي ڇڏيو ۽ کين هيٺ ميدان ۾ لهڻ نہ ڏنائون.


اموري حرس جبل، ايالون ۽ سعلبيم ۾ رهندا آيا، پر يوسف جي گھراڻي يعني بني افرائيم ۽ بني منسي قبيلن وارن انهن کي پنهنجي هٿ هيٺ آندو ۽ کانئن بيگر جو ڪم وٺڻ لڳا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ