Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




قاضين 1:27 - Muslim Sindhi Bible

27 منسي قبيلي شهر بيت‌شان، تعناڪ، دور، ابليعام ۽ مجدو ۽ انهن جي آس‌پاس ۾ رهندڙ ڪنعانين کي هڪالي نہ ڪڍيو، ڇو تہ هنن اتي ئي رهڻ پسند ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

27 ۽ منسيءَ، بيت شان ۽ ان جي شهرن جي رهاڪن کي هڪالي نہ ڪڍيو، نڪي تعناڪ، ۽ ان جي شهرن جي رهاڪن کي ڪڍيائين، نڪي دور، ۽ ان جي شهرن جي رهاڪن کي ڪڍيائين، نڪي ابليعام، ۽ ان جي شهرن جي رهاڪن کي ڪڍيائين، ۽ نڪي مجدو، ۽ ان جي شهرن جي ماڻهن کي ڪڍيائين: پر ڪنعاني انهيءَ ملڪ ۾ رهندا آيا:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




قاضين 1:27
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

يوسياہ بادشاهہ جي بادشاهيءَ جي ڏينهن ۾، مصر جو بادشاهہ نڪوہ اشور جي شهنشاهہ جي جنگ ۾ مدد ڪرڻ لاءِ يهوداہ ملڪ جي علائقي مان گذرندي فرات نديءَ ڏانهن پئي ويو. يوسياہ بادشاهہ هن سان جنگ ڪرڻ لاءِ نڪري آيو. پر نڪوہ جي لشڪر ساڻس مقابلو ڪيو ۽ مجدو وٽ کيس ماري وڌائون.


جڏهن يهوداہ جي بادشاهہ اخزياہ اهو حال ڏٺو تہ باغ واري گھر جو رستو ڏيئي وٺي ڀڳو. ييهو ان جو پيڇو ڪيو ۽ رڙيون ڪندي چوندو ٿي ويو تہ ”انهيءَ کي بہ ماريو.“ تڏهن جُور جي چاڙهي، جيڪا ابليعام شهر جي ڀرسان آهي، تنهن وٽ ماڻهن هن کي زخمي ڪري وڌو پر هو مجدو شهر ڏانهن ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ۽ اتي ئي مري ويو.


اوهين انهن سان يا انهن جي معبودن سان ڪوبہ عهد نہ ڪريو.


هاڻ جيڪو خداوند جي انهيءَ ڪم ۾ غفلت ڪندو سو لعنتي ٿيندو. هائو، جيڪو پنهنجيءَ تلوار کي خون وهائڻ کان روڪيندو سو لعنتي ٿيندو.


پوءِ جڏهن خداوند اوهان جو خدا انهن کي اوهان جي حوالي ڪري ۽ اوهين انهن کي شڪست ڏيو، تڏهن کين بلڪل نابود ڪري ڇڏجو. ساڻن ڪو عهد نہ ڪجو، نڪي مٿن رحم ڪجو.


اولهہ واري منسيءَ جي اڌ قبيلي مان کين هي ٻہ شهر آس‌پاس وارن چراگاهن سميت ڏنا ويا: تعناڪ ۽ جات‌رمون.


يشوع جي وفات کان پوءِ بني اسرائيل قوم خداوند کان پڇيو تہ ”اسان جي قبيلن مان ڪير پهريائين اڳتي وڌي ڪنعانين تي حملو ڪري؟“


بني بنيامين يروشلم مان يبوسين کي نہ ڪڍيو. سو يبوسي اڄ ڏينهن تائين يروشلم ۾ بني بنيامين سان گڏ رهندا اچن.


اهو ماڻهو بعد ۾ حتين جي ملڪ ۾ ويو ۽ اتي هن هڪڙو شهر ٻڌو جنهن جو نالو لوز رکيائين. سو اڄ تائين انهيءَ شهر جو ساڳيو نالو هليو اچي.


جڏهن بني اسرائيل مضبوط ٿيا، تڏهن هو ڪنعانين کان بيگر جو ڪم وٺڻ لڳا پر انهن کي صفا هڪالي نہ ڪڍيائون.


تڏهن ڪنعان جا بادشاهہ اسان تي حملو ڪرڻ آيا. هو تعناڪ شهر جي ڀرسان مجدو جي چشمن وٽ اچي وڙهيا. پر اسان کي لُٽڻ‌ڦرڻ سندن نصيب ۾ ئي نہ هو،


پر سائول ۽ سندس ماڻهن اجاج کي ۽ تمام چڱين رڍن ٻڪرين، ڍورن ڍڳن، ٿلهن متارن ڇيلن ۽ گھيٽن کي ۽ ٻيو جيڪي چڱو هو تنهن کي ڇڏي ڏنو ۽ انهن کي بلڪل برباد ڪرڻ نہ گھريائون. مگر جيڪا شيءِ بي‌ملهہ ۽ بيڪار هئي، تنهن کي اصل چٽ ڪري ڇڏيائون.


هنن اها زرهہ عستارات ديويءَ جي مندر ۾ رکي ۽ سائول جو لاش بيت‌شان شهر جي ديوار سان سوگھو ٻڌي ڇڏيائون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ