Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




قاضين 1:20 - Muslim Sindhi Bible

20 جيئن موسيٰ واعدو ڪيو هو، تيئن حبرون شهر ڪالب کي ڏنو ويو، جنهن اتان عناق جي ٽنهي قبيلن کي هڪالي ڪڍي ڇڏيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

20 ۽ هنن حبرون ڪالب کي ڏنو، جيئن موسيٰ چيو هو: ۽ هن اُتان عناق جا ٽي پٽ هڪالي ڪڍي ڇڏيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




قاضين 1:20
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پهريائين هو ملڪ جي ڏاکڻي پاسي کان ٿيندا حبرون ۾ آيا جتي عناق جو اولاد يعني احيمن، شيشي ۽ تلمي رهندا هئا. حبرون، مصر جي شهر صعن کان ست سال اڳي ٻڌو ويو هو.


پر منهنجو ٻانهو ڪالب جنهن جو روح ٻئي قسم جو آهي ۽ پوريءَ طرح منهنجي فرمانبرداري ڪئي اٿائين، تنهن کي آءٌ انهيءَ ملڪ ۾ وٺي ويندس جنهن ۾ هو حال احوال معلوم ڪرڻ لاءِ ويو هو ۽ اهو ملڪ سندس اولاد جي ميراث ٿيندو.


رڳو يفنہ جو پٽ ڪالب اهو ملڪ ڏسندو. جنهن زمين جو هو حال معلوم ڪري آيو آهي سا آءٌ انهيءَ کي ۽ سندس اولاد کي ڏيندس، ڇاڪاڻ تہ هن مون خداوند جي پوريءَ طرح فرمانبرداري ڪئي آهي.‘


تنهن کان پوءِ يشوع بني اسرائيل جي سڄي لشڪر سميت عجلون کان حبرون شهر ڏانهن ويو ۽ انهيءَ تي حملو ڪيائون.


انهيءَ ئي وقت يشوع هنن جابلو علائقن ۾ وڃي عناق جي راڪاس جهڙي اولاد کي سندن شهرن سميت ناس ڪري ڇڏيو: حبرون شهر، دبير شهر، عناب شهر، يهوداہ جو سمورو جابلو علائقو ۽ پڻ اسرائيل جو سمورو جابلو علائقو.


حبرون شهر کي اڳي قريت‌اربع، اربع نالي ماڻهوءَ جي نالي پٺيان سڏيو ويندو هو، جيڪو عناق جي راڪاس جهڙي اولاد ۾ سڀ کان وڏو ماڻهو هو. تنهن کان پوءِ انهيءَ ملڪ کي جنگ کان آرام مليو.


هو انهن ڪنعانين تي پڻ ڪاهي ويا جيڪي حبرون شهر ۾ رهندا هئا، جنهن کي اڳي قريت‌اربع جي نالي سان سڏيو ويندو هو. اتي هنن سيسي، اخيمان ۽ تلمي گھراڻن کي شڪست ڏني.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ