Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




قاضين 1:2 - Muslim Sindhi Bible

2 خداوند جواب ڏنو تہ ”يهوداہ قبيلو وڃي، ڇاڪاڻ تہ اهو ملڪ مون سندن ئي حوالي ڪيو آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

2 ۽ خداوند فرمايو تہ يهوداہ وڃي: ڏسو مون اُهو ملڪ هن جي هٿ ۾ ڏنو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




قاضين 1:2
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اوڀر طرف پنهنجي پنهنجي قبيلي موجب پنهنجن سردارن جي اڳواڻيءَ ۾ جيڪي قبيلا يهوداہ جي خيمي‌گاهہ جي نشان وٽ هڪٻئي جي ڀرسان پنهنجا تنبو کوڙين، سي هن ريت هجن. بني يهوداہ جو سردار عمينداب جو پٽ نحسون ٿئي.


سو انهن هن ترتيب سان پنهنجا نذرانا پيش ڪيا. پهرئين ڏينهن يهوداہ قبيلي جي سردار نحسون ولد عمينداب نذرانا پيش ڪيا. ٻئي ڏينهن اِسڪار قبيلي جي سردار نٿن‌ايل ولد صوعر نذرانا پيش ڪيا. ٽئين ڏينهن زبولون قبيلي جي سردار الياب ولد حيلون نذرانا پيش ڪيا. چوٿين ڏينهن روبن قبيلي جي سردار اليصور ولد شديور نذرانا پيش ڪيا. پنجين ڏينهن شمعون قبيلي جي سردار شلومي‌ايل ولد صوري‌شدي نذرانا پيش ڪيا. ڇهين ڏينهن جد قبيلي جي سردار الياسف ولد دعو‌ايل نذرانا پيش ڪيا. ستين ڏينهن افرائيم قبيلي جي سردار اليشمع ولد عميهود نذرانا پيش ڪيا. اٺين ڏينهن منسي قبيلي جي سردار جملي‌ايل ولد فداهصور نذرانا پيش ڪيا. نائين ڏينهن بنيامين قبيلي جي سردار ابيدان ولد جِدعوني نذرانا پيش ڪيا. ڏهين ڏينهن دان قبيلي جي سردار احيعزر ولد عميشدي نذرانا پيش ڪيا. يارهين ڏينهن آشر قبيلي جي سردار فجعي‌ايل ولد عڪران نذرانا پيش ڪيا ۽ ٻارهين ڏينهن نفتالي قبيلي جي سرادر احيرع ولد عينان نذرانا پيش ڪيا. نذرانا سڀني جا هڪجهڙا هئا: هڪڙو چانديءَ جو ٿالهہ جنهن جي تور عبادت‌گاهہ جي سڪي جي تور مطابق هڪ ڪلوگرام ۽ ٽي سؤ گرام هئي ۽ هڪڙو چانديءَ جو پيالو جنهن جي تور عبادت‌گاهہ جي سڪي جي تور مطابق ست سؤ گرام هئي. اهي ٻئي اناج جي قربانيءَ لاءِ تيل ۾ ڳوهيل ميدي سان ڀريل هئا. ان کان سواءِ هڪڙو سونو لوبان‌دان جنهن جي تور هڪ سؤ گرام هئي، جيڪو لوبان سان ڀريل هو، ساڙڻ واري قربانيءَ لاءِ هڪڙو وهڙو، هڪڙو گھٽو ۽ هڪڙو هڪسالو گھيٽو، پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ لاءِ هڪڙو ٻڪر، سلامتيءَ واري قربانيءَ لاءِ ٻہ ڏاند، پنج گھٽا، پنج ٻڪر ۽ پنج هڪسالا گھيٽا.


هائو، هو يهوداہ قبيلي جو آهي، جنهن مان ڪاهن ٿيڻ جي باري ۾ موسيٰ ڪجھہ بہ ڪونہ چيو آهي.


هنن يشوع کي وڌيڪ چيو تہ ”پڪ سان خداوند اهو سڄو ملڪ اسان کي ڏيئي ڇڏيو آهي. اتان جا سڀ رهاڪو اسان جي خوف کان هيسجي ويا آهن.“


تڏهن بزرگن مان هڪڙي مون کي چيو تہ ”روءُ نہ. ڏس، هو يهوداہ قبيلي جو شينهن جيڪو دائود جي نسل مان آهي، سو ئي فتحياب ٿيڻ ڪري انهن ستن مُهرن کي ٽوڙڻ ۽ انهيءَ ويڙهوٽي کي کولڻ جي لائق آهي.“


تڏهن يهوداہ قبيلي وارن پنهنجي شمعون قبيلي وارن ڀائرن کي چيو تہ ”اسان کي مليل علائقي ۾ ڪنعانين سان وڙهڻ لاءِ اوهين اسان سان گڏجي هلو ۽ اسين اوهان سان گڏجي اوهان کي مليل علائقي ۾ هلنداسين.“ سو بني شمعون انهن سان گڏجي ويا.


پوءِ بني اسرائيل بيت‌ايل شهر ۾ مقدس هنڌ تي ويا ۽ خدا کان ڪڻا وجھي صلاح پڇيائون تہ ”بني بنيامين سان وڙهڻ لاءِ اسان مان پهريائين ڪير چڙهائي ڪري؟“ خداوند چيو تہ ”يهوداہ قبيلو پهريائين وڃي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ