Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




قاضين 1:16 - Muslim Sindhi Bible

16 موسيٰ جي ساهراڻي خاندان مان قينيءَ جو اولاد کجين واري شهر يريحو مان بني يهوداہ سان گڏجي يهوداہ جي بيابان ۾ ويو جيڪو عراد جي ڏکڻ ۾ آهي. هو اتي وڃي عماليقين سان رهڻ لڳا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

16 ۽ موسيٰ جي سالي قينيءَ جا پٽ، کجورين واري شهر مان، بني يهوداہ سان گڏجي، يهوداہ جي بيابان ۾ ويا، جو عراد جي ڏکڻ ۾ آهي؛ ۽ هو وڃي انهن ماڻهن سان گڏ رهڻ لڳا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




قاضين 1:16
26 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هو يعبيض ۾ رهندڙ ڪاتبن جي هنن گھراڻن جو پڻ وڏو هو: ترعاتي، سمعاتي ۽ سوڪاتي. اهي سڀ قيني هئا جيڪي ريڪابين جي وڏي حمات جي نسل مان هئا.


پوءِ ادومين وري يهوداہ تي اچي حملو ڪيو ۽ يهوداہ وارن مان ڪن کي قيد ڪري وٺي ويا. سو بادشاهہ آخز اشور جي شهنشاهہ تِگلت پلاسر کان مدد گھري.


موسيٰ جي سهري يٿرو، جيڪو مديان جو مذهبي اڳواڻ هو، تنهن اهي سڀ ڳالهيون ٻڌيون تہ خدا موسيٰ ۽ پنهنجي قوم بني اسرائيل لاءِ ڇا ڇا ڪيو آهي ۽ ڪيئن خداوند بني اسرائيل کي مصر مان ڪڍي ٻاهر آندو.


پوءِ موسيٰ جي سهري يٿرو، خدا جي لاءِ هڪڙي ساڙڻ واري قرباني ڪئي ۽ ڪجھہ ٻيون قربانيون ڪيون. هارون ۽ بني اسرائيل جا سڀ اڳواڻ موسيٰ جي سهري سان گڏ اها قربانيءَ واري ماني کائڻ لاءِ خدا جي حضور ۾ آيا.


پوءِ موسيٰ پنهنجي سهري کي موڪل ڏني ۽ هو پنهنجي ملڪ ڏانهن روانو ٿي ويو.


تڏهن موسيٰ پنهنجي سهري جي استقبال لاءِ ٻاهر نڪتو ۽ جھڪي نياز سان هن کي چميائين. ٻنهي هڪٻئي جي خيرعافيت پڇي، پوءِ هو گڏجي تنبوءَ ۾ آيا.


موسيٰ پنهنجي سهري يٿرو جا ڌڻ چاريندو هو، جيڪو مديان جو مذهبي اڳواڻ هو. هڪ ڏينهن هو ڌڻ کي هڪليندو بيابان جي پرئين پاسي خدا جي جبل سينا وٽ اچي پهتو.


تنهن کان پوءِ موسيٰ موٽي پنهنجي سهري يٿرو وٽ آيو ۽ چيائينس تہ ”مهرباني ڪري مون کي موڪل ڏي تہ آءٌ موٽي پنهنجي ڀائرن وٽ وڃان، جيڪي مصر ۾ آهن. اتي آءٌ وڃي ڏسان تہ اهي اڃا جيئرا آهن يا نہ.“ يٿرو موسيٰ کي چيو تہ ”سلامتيءَ سان وڃ.“


”تون ريڪابي گھراڻي وارن وٽ وڃ ۽ کين چئُہ تہ هو منهنجي هيڪل جي ڪوٺين مان هڪڙي ڪوٺيءَ ۾ اچي گڏ ٿين ۽ پوءِ تون کين مئي پيئڻ لاءِ ڏي.“


عراد شهر جو ڪنعاني بادشاهہ جيڪو ڪنعان جي ڏکڻ ۾ رهندو هو، تنهن جڏهن ٻڌو تہ بني اسرائيل اٿاريم واري رستي اچي رهيا آهن، تڏهن هن مٿن حملو ڪيو ۽ انهن مان ڪن کي قيد ڪري وٺي ويو.


ڪجھہ سالن کان پوءِ يحيٰ بپتسما ڏيڻ وارو يهوديہ جي رڻ‌پٽ ۾ منادي ڪندو پئي وتيو تہ


هن کيس ڏکڻ وارو علائقو ۽ اردن ماٿري، يعني کجين جي وڻن واري شهر يريحو جي ماٿريءَ وارو ميدان ڏاکڻي شهر صوعر تائين ڏيکاريو.


پوءِ خداوند موسيٰ کي چيو تہ ”هي اهو ئي ملڪ آهي جنهن بابت مون ابراهيم، اسحاق ۽ يعقوب سان قسم کڻي چيو هو تہ اهو سندن اولاد کي ڏيندس. اهو مون تو کي تنهنجين اکين سان ڏيکاريو آهي، پر تون پار ٽپي اوڏانهن ڪين ويندين.“


حرمہ جو بادشاهہ، عراد جو بادشاهہ،


بنيامين قبيلي جا شهر سندن گھراڻن موجب هي هئا: يريحو، بيت‌حجلہ، عيمق‌قصيص،


هن وراڻيو تہ ”مون کي بخشش ڏي. جيئن تہ تو مون کي ڏکڻ ۾ خشڪ زمين ڏني آهي، سو مون کي پاڻيءَ جا چشما بہ ڏي.“ تڏهن ڪالب کيس مٿيان ۽ هيٺيان چشما ڏيئي ڇڏيا.


عمون ۽ عماليق قبيلن کي عجلون پاڻ سان ملايو ۽ پوءِ انهن وڃي بني اسرائيل کي شڪست ڏني ۽ کجين واري شهر يريحو تي قبضو ڪيائون.


هوڏانهن حبر قيني جيڪو موسيٰ جي سالي حباب جي اولاد مان هو، تنهن ٻين قينين کان الڳ ٿي، قادس شهر جي ويجھو ضعننيم ۾ وڃي شاهہ‌بلوط جي هڪڙي وڻ وٽ پنهنجو خيمو کوڙيو.


هيڏانهن سيسرا پيادو ڀڄندو اچي حبر قينيءَ جي زال ياعيل جي تنبوءَ وٽ پهتو، ڇاڪاڻ تہ حصور جي بادشاهہ يابين ۽ حبر قينيءَ جي گھراڻي جي وچ ۾ صلح هو.


هن قينين ڏانهن چوائي موڪليو تہ ”جيئن تہ اوهان جا ابا ڏاڏا بني اسرائيل جي مصر مان نڪرڻ وقت ساڻن مهربانيءَ سان پيش آيا هئا، تنهنڪري اوهين هتان هليا وڃو ۽ عماليقين مان نڪري وڃو، تہ متان آءٌ اوهان کي بہ انهن سان گڏ تباهہ نہ ڪري ڇڏيان.“ تڏهن قيني قبيلي وارا عماليقين مان نڪري هليا ويا.


پر جڏهن اڪيس کانئس پڇندو هو تہ ”اڄ اوهان ڪيڏانهن ڪاهہ ڪئي هئي؟“ تڏهن دائود ڦيرائي ٻڌائيندو هئس تہ يهوداہ جي ڏکڻ يا يرحمئيلين جي ڏکڻ يا قينين جي ڏکڻ ڏانهن.


رڪِل، يرحمئيلين جا شهر، قينين جا شهر،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ