Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




قاضين 1:10 - Muslim Sindhi Bible

10 هو انهن ڪنعانين تي پڻ ڪاهي ويا جيڪي حبرون شهر ۾ رهندا هئا، جنهن کي اڳي قريت‌اربع جي نالي سان سڏيو ويندو هو. اتي هنن سيسي، اخيمان ۽ تلمي گھراڻن کي شڪست ڏني.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

10 ۽ يهوداہ انهن ڪنعانين تي بہ ڪاهي ويو جي حبرون ۾ رهندا هئا: (هاڻي حبرون جو نالو اڳي قريت اربع هو): ۽ هنن سيسي ۽ اخيمان، ۽ تلميءَ کي ماريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




قاضين 1:10
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هن ڪنعان ملڪ جي اربع شهر يعني حبرون ۾ وفات ڪئي. ابراهيم انهيءَ جي وفات تي سوڳ ڪيو ۽ رنو.


تڏهن هن چيس تہ ”وڃي ڏسي اچ تہ تنهنجا ڀائر ۽ ڌڻ خيريت سان آهن. پوءِ موٽي اچي مون کي ٻڌاءِ.“ سو يعقوب يوسف کي حبرون جي ماٿريءَ مان روانو ڪيو. جڏهن يوسف سڪم ۾ پهتو


هن دنيا ۾ ڪي ٻيون ڳالهيون بہ مون ڏٺيون آهن تہ تکي ۾ تکو ڊوڙڻ وارو بہ هميشہ نہ ٿو کٽي، نڪي وڏو جنگي جوڌو ئي هميشہ جنگ فتح ڪري ٿو. نہ ڏاهي ماڻهوءَ کي هميشہ رزق حاصل ٿئي ٿو، نڪي سمجھہ وارن کي هميشہ دولت ملي ٿي ۽ نہ وري هنرمند ماڻهن کي هميشہ عزت نصيب ٿئي ٿي، ڇاڪاڻ تہ سڀ ڪنهن کي ڪڏهن نہ ڪڏهن ڏکيو ڏينهن ڏسڻو پوي ٿو.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”ڏاهو ماڻهو پنهنجي ڏاهپ تي فخر نہ ڪري، نہ ئي ڪو زورآور پنهنجي زور تي فخر ڪري، نہ وري دولتمند ماڻهو پنهنجي دولت تي فخر ڪري،


پهريائين هو ملڪ جي ڏاکڻي پاسي کان ٿيندا حبرون ۾ آيا جتي عناق جو اولاد يعني احيمن، شيشي ۽ تلمي رهندا هئا. حبرون، مصر جي شهر صعن کان ست سال اڳي ٻڌو ويو هو.


اسان اتي راڪاس بہ ڏٺا جيڪي عناق جو اولاد هئا. اسين انهن جي اڳيان پنهنجي نظر ۾ تڏين جهڙا هئاسين ۽ انهن جي نظر ۾ بہ اهڙا ئي هئاسين.“


تنهن کان پوءِ يشوع بني اسرائيل جي سڄي لشڪر سميت عجلون کان حبرون شهر ڏانهن ويو ۽ انهيءَ تي حملو ڪيائون.


حبرون شهر کي اڳي قريت‌اربع، اربع نالي ماڻهوءَ جي نالي پٺيان سڏيو ويندو هو، جيڪو عناق جي راڪاس جهڙي اولاد ۾ سڀ کان وڏو ماڻهو هو. تنهن کان پوءِ انهيءَ ملڪ کي جنگ کان آرام مليو.


جيئن موسيٰ واعدو ڪيو هو، تيئن حبرون شهر ڪالب کي ڏنو ويو، جنهن اتان عناق جي ٽنهي قبيلن کي هڪالي ڪڍي ڇڏيو.


تنهن کان پوءِ بني يهوداہ انهن ڪنعانين سان وڙهڻ لاءِ ڪاهي ويا جيڪي جابلو علائقي، ڏاکڻي حصي ۽ هيٺاهن ڍورن ۾ رهندا هئا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ