قاضين 1:1 - Muslim Sindhi Bible1 يشوع جي وفات کان پوءِ بني اسرائيل قوم خداوند کان پڇيو تہ ”اسان جي قبيلن مان ڪير پهريائين اڳتي وڌي ڪنعانين تي حملو ڪري؟“ အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible1 ۽ يشوع جي وفات ڪرڻ کان پوءِ هيئن ٿيو جو بني اسرائيل خداوند کان پڇيو، تہ اسان جي لاءِ ڪير پهرين ڪنعانين سان جنگ ڪرڻ لاءِ انهن تي ڪاهي وڃي؟ အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
جيئن تہ خدا جي عهد واري صندوق انهن ڏينهن ۾ اُتي ئي هئي ۽ فينحاس جيڪو هارون جو پوٽو ۽ اليعزر جو پٽ هو سو انهيءَ جي سنڀال ڪندو هو، تنهنڪري بني اسرائيل اتي وڃي خداوند کان پڇيو تہ ”ڇا اسين پنهنجي همقوم بني بنيامين سان هڪ دفعو وري جنگ ڪرڻ لاءِ نڪري وڃون يا نہ؟“ تڏهن خداوند کين ورندي ڏني تہ ”وڃو، ڇاڪاڻ تہ سڀاڻي آءٌ اوهان کي هنن تي فتح ڏيندس.“