Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يعقوب 5:7 - Muslim Sindhi Bible

7 تنهنڪري اي ڀائرو ۽ ڀينرون! خداوند عيسيٰ جي اچڻ تائين صبر ڪريو. ڏسو، هاري زمين جي قيمتي پيدائش لاءِ ڪيڏو نہ انتظار ٿو ڪري. هو آڳاٽي ۽ پاڇاٽي مينهن پوڻ تائين صبر ٿو ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

7 تنهنڪري اي ڀائرو، خداوند جي اچڻ تائين صبر ڪريو. ڏسو، هاري زمين جي قيمتي ڦل لاءِ جيستائين آڳاٽو ۽ پاڇاٽو مينهن نٿو پوي، تيستائين صبر سان انتظار ٿو ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

7 تنهنڪري اي ڀائرو ۽ ڀينرون! پرڀو يسوع جي اچڻ تائين ڌيرج ڪريو. ڏسو، هاري زمين جي قيمتي پيدائش لاءِ ڪيڏو نہ انتظار ٿو ڪري. هو آڳاٽي ۽ پاڇاٽي مينهن پوڻ تائين ڌيرج ٿو ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

7 تنھنڪري اي ڀائرو ۽ ڀينرون! خداوند جي اچڻ تائين صبر ڪريو. ڏسو، ھاري زمين جي قيمتي پيدائش لاءِ ڪيڏو نہ انتظار ٿو ڪري. ھو آڳاٽي ۽ پاڇاٽي مينھن پوڻ تائين صبر ٿو ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يعقوب 5:7
32 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هائو، اوهان اهو ڪڏهن بہ نہ سوچيو آهي تہ اوهان کي مون خداوند اوهان جي خدا جو خوف رکڻ گھرجي، جيڪو سرءُ ۽ بهار ۾ پوري وقت تي مينهن وسايان ٿو ۽ هر سال لاباري جي مقرر موسم ڏيان ٿو.


اچو تہ خداوند سان رابطو رکي سندس وڌ کان وڌ طالبو ٿيون، هائو، هو يقيناً اسان وٽ ايندو، جيئن روزانو صبح جو سج نڪري ٿو. هو برسات وانگر اسان وٽ اچي ڪڙڪندو، هائو، بهار جي برسات وانگر، جيڪا زمين کي ريج ڏيو ڇڏي.


اي صيئون جا رهاڪؤ! اوهين سرها ٿيو ۽ خوشيون ملهايو. آءٌ خداوند اوهان جو خدا اوهان لاءِ گھڻو ڪجھہ ڪندس. آءٌ اوهان تي مندائتا مينهن وسائيندس. هائو، آءٌ اوهان جي لاءِ آڳاٽا توڙي پاڇاٽا مينهن هميشہ وانگر پوريءَ مند تي وسائيندس.


بهار جي مند ۾ مينهن لاءِ خداوند کان ئي دعا گھرو تہ اهو مينهن وسائي. هائو، اهو جيڪو کِنوڻ جا چمڪاٽ ٿو ڪري، جيڪو هر ڪنهن کي جھجھو مينهن ٿو ڏئي، ۽ جيڪو هر ٻنيءَ مان گاهہ ٿو اڀاري، سو ئي اهو خداوند آهي.


ڏسو، ابنِ آدم پنهنجي پيءُ جي جلوي ۾ ملائڪن سان گڏ جلد ايندو ۽ هر هڪ ماڻهوءَ کي سندس عملن موجب اجر ڏيندو.


آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪي هتي بيٺا آهن تن مان ڪي ايستائين موت جو ذائقو نہ چکندا، جيستائين هو ابنِ آدم کي بادشاهہ جي حيثيت ۾ ايندو نہ ڏسندا.“


ابنِ آدم جو موٽي اچڻ ان چمڪندڙ کِنوڻ وانگر هوندو، جيڪا سڄي آسمان ۾ اوڀر کان اولهہ تائين ڏسڻ ۾ ايندي آهي.


انهيءَ ڪري اوهان کي هر وقت تيار رهڻ گھرجي، ڇاڪاڻ تہ ابنِ آدم اهڙي وقت ايندو جنهن جو اوهان کي گمان بہ نہ هوندو.“


آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ هو جلد ئي سندن انصاف ڪندو. پر جڏهن ابنِ آدم ايندو تڏهن هو ماڻهن ۾ اهڙو ايمان الائجي ڏسندو يا نہ.“


تڏهن هو ابنِ آدم کي وڏيءَ قدرت ۽ شان وَ شوڪت سان هڪڙي ڪڪر تي ايندي ڏسندا.


پر جيڪي ڀليءَ زمين تي ڪريا، سا ڀلي زمين اهي ماڻهو آهن جيڪي پيغام ٻڌن ٿا ۽ سچيءَ دل ۽ پوري توجھہ سان ان کي سانڍين ٿا ۽ ثابت قدميءَ سان ڦر جھلين ٿا.“


عيسيٰ وراڻيو تہ ”جيڪڏهن آءٌ چاهيان تہ هي ايستائين جيئرو رهي جيستائين آءٌ موٽي نہ اچان، تہ ان ۾ تنهنجو ڪهڙو واسطو؟ تون منهنجي پيروي ڪندو رهُہ.“


ان کان پوءِ سڀني ايمان وارن ۾ اها ڳالهہ مشهور ٿي ويئي تہ اهو شاگرد ڪڏهن بہ نہ مرندو، جيتوڻيڪ عيسيٰ انهيءَ شاگرد بابت ائين ڪونہ چيو هو تہ ”هو مرندو ئي ڪونہ.“ پر هن هيئن چيو هو تہ ”جيڪڏهن آءٌ چاهيان تہ هي ايستائين جيئرو رهي جيستائين آءٌ موٽي نہ اچان تہ ان ۾ تنهنجو ڪهڙو واسطو.“


جيڪي بہ ڳالهيون اڳي لکيون ويون آهن، سي اسان جي تعليم لاءِ آهن، تہ جيئن ثابت قدميءَ مان ۽ پاڪ ڪلام کان مليل حوصلي مان اسان کي اميد حاصل ٿئي.


جيڪي نيڪ ڪم ڪرڻ ۾ ثابت قدم رهندي عزت، عظمت ۽ بقا جا طالب آهن، تن کي خدا دائمي زندگي ڏيندو.


جو اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي ظاهر ٿيڻ جي راهہ نهاريندي اوهان ۾ ڪنهن بہ روحاني نعمت جي ڪمي ڪانہ آهي.


پر اسين پاڪ روح جي وسيلي ايمان آڻڻ جي ڪري خدا ڏانهن سچار بڻايا وينداسين. انهيءَ اميد جي پوري ٿيڻ جو اسين وڏي چاهہ سان انتظار ڪري رهيا آهيون.


اسان کي نيڪي ڪرڻ ۾ ٿڪجڻ نہ گھرجي، ڇاڪاڻ تہ جيڪڏهن همت نہ هارينداسين تہ پوري وقت تي لابارو لاهينداسين.


تہ هو اوهان جي ملڪ ۾ پوري وقت تي پهريون ۽ پويون مينهن وسائيندو، انهيءَ لاءِ تہ اوهين پنهنجو اناج، پنهنجي مئي ۽ پنهنجو زيتون جو تيل حاصل ڪري سگھو.


انهيءَ لاءِ ضروري آهي تہ اوهين سندس عظمت واري قدرت سان هر طرح طاقتور ٿيندا وڃو. پوءِ اوهين هر حالت ۾ صبر ۽ برداشت ڪندي خوشيءَ سان


هائو، اوهان جي ايمان واري عمل، محبت ڀري محنت ۽ انهيءَ ثابت قدميءَ کي اسين پنهنجي خدا پيءُ جي آڏو سدائين ياد پيا ڪريون، جيڪا اوهان کي اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح ۾ اميد رکڻ جي ڪري آهي.


ڀلا، اسان جي خداوند عيسيٰ جي اچڻ وقت اسان جي اميد، اسان جي خوشي ۽ اسان جي فخر جو تاج ڪير آهي؟ ڇا اهي اوهين ئي نہ آهيو جيڪي سندس حضور ۾ حاضر هوندا؟


ائين هو اوهان جي دلين کي اهڙو مضبوط ڪري جو جڏهن هو اچي ۽ پنهنجي سڀني چونڊي پاڪ ڪيلن سان گڏ هجي، تڏهن اسان جي خدا پيءُ جي آڏو اوهين پاڪ ۽ بي‌عيب قرار ڏنا وڃو.


انهيءَ تي ابراهيم صبر سان انتظار ڪندي اها واعدي ڪيل برڪت حاصل ڪئي.


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! هڪٻئي تي تهمت نہ هڻو. جيڪو پنهنجي ڀاءُ جي خلاف ٿو ڳالهائي يا مٿس ڪا تهمت ٿو هڻي، سو شريعت جي خلاف ٿو ڳالهائي ۽ ان تي تهمت ٿو هڻي. هاڻي جڏهن اوهين شريعت تي تهمت ٿا هڻو تڏهن اوهين ان تي عمل ڪرڻ وارا نہ، بلڪ انهيءَ مٿان عدالت ڪرڻ وارا بڻجي ويٺا آهيو.


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! خدا جو پيغام ٻڌائيندڙ نبين کي تڪليفن سهڻ ۽ صبر ڪرڻ جو نمونو ڪري سمجھو.


اوهان جي سون ۽ چانديءَ تي ڪٽ چڙهي ويئي. اها ڪٽ اوهان تي شاهدي ڏيندي ۽ باهہ وانگر اوهان جو ماس کائيندي. اوهان هن آخري زماني ۾ دولت جا ڍير لڳائي ڇڏيا آهن، جڏهن تہ اهو زمانو ختم ٿيڻ وارو آهي.


چوندا تہ ”انهيءَ عيسيٰ تہ موٽي اچڻ جو واعدو ڪيو هو، پوءِ هاڻي هو ڪٿي آهي؟ ڇو تہ جڏهن کان اسان جا ابا ڏاڏا قبر ۾ وڃي ستا آهن، تڏهن کان وٺي سڀ ڪجھہ ائين ئي پيو هلي جيئن دنيا جي پيدا ٿيڻ وقت هو.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ