Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يعقوب 5:5 - Muslim Sindhi Bible

5 اوهان زمين تي عيش عشرت ۾ گذاريو آهي ۽ موجون ماڻيون اٿوَ. حقيقت ۾ اوهان پاڻ کي ڪوس واري ڏينهن لاءِ ٿلهو متارو ڪيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

5 اوهين زمين تي عيش عشرت ۾ رهيا آهيو، ۽ موجون ماڻيون اٿوَ؛ قتلام جي ڏينهن لاءِ اوهان پنهنجين دلين کي تازو توانو ڪيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

5 اوهان ڌرتيءَ تي عيش عشرت ۾ گذاريو آهي ۽ موجون ماڻيون اٿوَ. حقيقت ۾ اوهان پاڻ کي ڪوس واري ڏينهن لاءِ ٿلهو متارو ڪيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

5 اوھين زمين تي عيش عشرت ۾ رھيا آھيو ۽ موجون ماڻيون اٿوَ. درحقيقت اوھان پاڻ کي ڪوس واري ڏينھن لاءِ ٿلھو متارو ڪيو آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يعقوب 5:5
28 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اي خداوند! پنهنجي قدرت ڏيکاري مون کي انهن کان ڇڏاءِ، هائو، دنيا جي انهن ماڻهن کان، جن جو حصو رڳو هن دنيا ۾ آهي. پر جيڪي شيون تو پنهنجي پيارن لاءِ گڏ ڪري رکيون آهن، تن سان شل اهي ڍاول رهن! سندن ٻچن وٽ ايترو تہ گھڻو ڪجھہ هجي، جو اهي پنهنجن ٻارن لاءِ باقي ڇڏي وڃن.


انهن جي دلين مان بڇڙايون وهي نڪرن ٿيون، ۽ انهن جا دماغ بڇڙن منصوبن ۾ رُڌل رهن ٿا.


دلي سڪون سان رُکو گرهہ کائڻ اهڙي دعوت کان بهتر آهي، جنهن ۾ عمدن طعامن سان گڏ جھيڙا جھڳڙا هجن.


”جيئن تہ اڄ مون پنهنجيون باسيل سلامتيءَ واريون قربانيون ڪيون هيون، سو قربانين جو گوشت مون تنهنجي دعوت لاءِ رکيو آهي.


اي نوجوانؤ! جيستائين اوهين جوان آهيو، تيستائين جائز خوشيون ملهايو ۽ زندگيءَ جا مزا ماڻيو. اوهان جي دل جيڪي چاهي سو ڪريو. ڀلي تہ اوهين زندگيءَ جو جائز لطف حاصل ڪريو. پر اهو ڄاڻي ڇڏيو تہ اوهان جي سڀني خيالن ۽ ڪمن جو حساب ڪتاب ڪرڻ لاءِ خدا اوهان کي پنهنجي عدالت ۾ ضرور سڏائيندو.


پر ڏسو، انهيءَ جي بدران اوهان خوشيون ۽ شادمانا ڪيا، ڍور ڍڳا ۽ رڍون ٻڪريون ذبح ڪيون، ۽ هيئن چوندي گوشت کائڻ ۽ مئي پيئڻ ۾ مشغول ٿي ويا تہ ”اچو تہ کائي پي عيش ڪريون، ڇاڪاڻ تہ سڀاڻي شايد اسين مري وڃون.“


خداوند فرمائي ٿو تہ ”ڏسو، يروشلم جون عورتون ڪيڏيون نہ مغرور آهن! اهي ڪنڌ آڪڙائي شوخ نظرن سان اشارا ڪنديون ٿيون وتن. اهي ناز نخرا ڪندي، ۽ پيرن ۾ پازيب جي جھنڪار ڪندي ٿيون هلن.


تنهنڪري هاڻي هيءَ ڳالهہ ٻڌ. تون عيش عشرت ۾ ٻڏل آهين، ۽ بي‌پرواهيءَ سان ٿي گذارين، ۽ پنهنجيءَ دل ۾ چوين ٿي تہ ’آءٌ ئي عظيم آهيان، ۽ مون جهڙو ٻيو ڪوبہ ڪونهي.‘ هائو، تون جيڪا سوچين ٿي تہ ڪڏهن بہ رن‌زال نہ ٿيندينءَ، ۽ نہ وري تنهنجو اولاد ئي مرندو،


اهي سڀ هڪٻئي کي چون ٿا تہ ’اچو تہ مئي پيئون ۽ نشا ڪري مست ٿيون، سڀاڻي جو ڏينهن بہ اڄوڪي ڏينهن وانگر ٿيندو، بلڪ انهيءَ کان بہ وڌيڪ بهتر ٿيندو.‘“


پر اي خداوند! تون مون کي ڄاڻين ٿو. تون مون کي ڏسين ٿو ۽ منهنجي دل کي پرکين ٿو تہ اها تو سان ئي آهي. سو تون انهن بڇڙن کي رڍن وانگر ڪهڻ لاءِ ڇڪي ٻاهر ڪڍ. انهن کي ذبح ڪرڻ جي ڏينهن لاءِ الڳ ڪري بيهار.


اي اڳواڻؤ! واءِ‌ويلا ڪريو ۽ روئو رڙو. هائو، اوهين جيڪي خداوند جي قوم، يعني سندس ڌڻ جا ڌنار آهيو، سي مٽيءَ ۾ ليٿڙيون پايو، ڇاڪاڻ تہ اوهان جي ڪسجڻ جا ڏينهن اچي پهتا آهن. اوهان کي ٽاڪُئين ٿانوَ جيان ڀڃي ڀورا ڀورا ڪيو ويندو.


ڏس، تنهنجي ڀيڻ سدوم جي وسنديءَ ۽ ان جي ڳوٺن جو قصور اهو هو جو کين انهيءَ ڳالهہ جو غرور هو تہ کين کائڻ لاءِ جھجھي خوراڪ ۽ عيش وَ آرام هو، پر هنن مسڪينن ۽ محتاجن جي دستگيري نہ ٿي ڪئي.


خداوند خدا مون کي فرمايو تہ ”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! انهيءَ جنگ لاءِ تون سڀني پکين کي سڏائجانءِ، بلڪ سڀني جھنگلي جانورن کي بہ. هائو، کين سڏائجانءِ تہ جيئن اهي چئني طرفن کان اچي اها قرباني کائين جيڪا آءٌ هنن لاءِ تيار پيو ڪريان. اها بني اسرائيل جي جابلو علائقن ۾ هڪڙي وڏي دعوت هوندي، جنهن ۾ هو ماس کائيندا ۽ رت پيئندا.


ويل آهي اوهان لاءِ، اي صيئون وارؤ! بلڪ ويل آهي اوهان لاءِ، اي سامريہ جي جبلن تي آرام ۽ اطمينان سان رهڻ وارؤ! هائو، اوهين جي پنهنجي ملڪ اسرائيل جا عظيم اڳواڻ آهيو، ۽ سڄي ملڪ وارا اوهان جا سلامي آهن.


عيسيٰ مثال ڏيندي چيو تہ ”ڪنهن زماني ۾ هڪڙو شاهوڪار ماڻهو هوندو هو، جيڪو تمام عمدا ۽ قيمتي ڪپڙا پهريندو هو ۽ روزانو طرح طرح جا طعام کائي موجون ماڻيندو هو.


پر ابراهيم چيس تہ ’پٽ! ياد ڪر، تہ تو کي پنهنجي حياتيءَ ۾ سٺيون سٺيون شيون مليل هيون، پر لعزر کي خراب شيون. هاڻي هو هتي مزن ۾ آهي ۽ تون عذاب ۾ آهين.


اهڙيءَ طرح فضيلت سان هلون جيئن ڏينهن جو هلبو آهي. سو اوهين نہ نشي ۾ مست ٿي بداخلاقيءَ ۾، نہ زناڪاريءَ ۽ شهوت‌پرستيءَ ۾ ۽ نہ وري جھيڙي ۽ حسد ۾ هلو.


پر جيڪا رن‌زال عيش عشرت ۾ ٿي گذاري، سا جيئري ئي مئل آهي.


اهي دغاباز، اُٻهرا، وڏائيءَ ۾ ڦونڊيل ۽ خدا جي بدران عيش عشرت جا طلبگار هوندا.


مطلب تہ جيڪو نقصان هو ٻين کي رسائين ٿا، تنهن جي بدلي ۾ کين نقصان رسايو ويندو. اهي کلي عام عياشي ڪندي خوش ٿا ٿين. اهي اوهان سان گڏ کائيندي پيئندي پنهنجين دغابازين سان عيش عشرت پيا ڪن. ائين اهي ماڻهو اوهان ۾ داغ ۽ عيب آهن.


هي ماڻهو اوهان جي محبت وارين رفاقتي دعوتن لاءِ نقصانڪار آهن، جيڪي بنا ڪنهن جي پرواهہ ڪرڻ جي رڳو پنهنجي پيٽ ڀرڻ لاءِ اوهان سان گڏ کائين پيئن ٿا. اِهي بي‌آب ڪڪر آهن، جن کي هوائون کنيو اُڏائينديون وتن. اِهي سرءُ جا سڪل وڻ آهن جيڪي ٻنهي لحاظن کان مئل آهن، يعني بي‌ڦل ۽ پاڙؤن پٽيل آهن.


جيتري قدر انهيءَ پاڻ کي شاندار ڪيو ۽ عيش عشرت ڪيائين، اوتري قدر اوهين کيس ايذاءَ ڏيو ۽ سوڳ ۾ وجھو، ڇاڪاڻ تہ بابل جي وسندي پنهنجيءَ دل ۾ چوي ٿي تہ ’آءٌ راڻيءَ جي حيثيت ۾ تخت تي ويٺي آهيان. آءٌ رن‌زال نہ آهيان، ۽ ڪڏهن بہ سوڳ نہ ڪنديس.‘


تنهن کان پوءِ ابيجيل موٽي نابال وٽ آئي ۽ ڏٺائين تہ هن پنهنجي گھر ۾ بادشاهي دعوت جهڙي هڪڙي دعوت ڪئي هئي. گھڻي مئي پيئڻ ڪري نشي سبب سندس دل سرور ۾ هئي. تنهنڪري هن صبح جي سوجھري ٿيڻ تائين کيس ڪابہ ڳالهہ نہ ٻڌائي.


کيس چئجو تہ ’شال تون، تنهنجو گھراڻو ۽ جيڪي بہ تو وٽ آهي سو سڀ سلامت هجي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ