يعقوب 5:11 - Muslim Sindhi Bible11 اوهين ڄاڻو ٿا تہ اسين صبر سان تڪليفون سهڻ وارن کي سڀاڳو ٿا سڏيون. اوهان ايوب جي صبر بابت تہ ٻڌو آهي ۽ اها بہ خبر اٿوَ تہ پڇاڙيءَ ۾ خداوند هن لاءِ ڇا ڇا ڪيو. انهيءَ مان ظاهر آهي تہ خداوند نهايت ٻاجھارو ۽ رحم وارو آهي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible11 ڏسو، جن صبر ڪيو، تن کي اسين مبارڪ ٿا سڏيون؛ اوهان ايوب جي صبر جو حال ٻُڌو آهي، ۽ ڏٺو اٿوَ تہ خداوند ساڻس پڇاڙيءَ ۾ ڇا ڇا ڪيو، ۽ ڪيئن خداوند فضل ۽ رحم سان ڀرپور آهي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Hindu Sindhi Bible11 اوهين ڄاڻو ٿا تہ اسين ڌيرج سان تڪليفون سهڻ وارن کي سڀاڳو ٿا سڏيون. اوهان ايوب جي ڌيرج بابت تہ ٻڌو آهي ۽ اها بہ سڌ اٿوَ تہ پڇاڙيءَ ۾ پرميشور هن لاءِ ڇا ڇا ڪيو. انهيءَ مان ظاهر آهي تہ پرميشور نهايت ڪرپالو ۽ ديالو آهي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Common Language New Testament11 اوھين ڄاڻو ٿا تہ اسين صبر ڪرڻ وارن کي سڀاڳو ٿا سڏيون. اوھان ايوب جي صبر جو حال تہ ٻڌو آھي ۽ اھا بہ خبر اٿوَ تہ پڇاڙيءَ ۾ خداوند ھن لاءِ ڇا ڇا ڪيو. انھيءَ مان ظاھر آھي تہ خداوند نھايت ٻاجھارو ۽ رحم وارو آھي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
هنن تنهنجي هڪ بہ نہ ٻڌي، ۽ جيڪي معجزا تو هنن لاءِ ڪيا هئا، سي سڀ وساري ڇڏيائون. هو ڏاڍا مغرور ٿي ويا، ۽ بغاوت ڪندي پاڻ مان هڪڙو اڳواڻ مقرر ڪيائون، تہ جيئن وري وڃي مصر جي غلاميءَ ۾ پون. پر تون اهڙو خدا آهين جيڪو معاف ڪرڻ لاءِ تيار، مهربان، رحم ڀريو، ڪاوڙ ۾ ڍرو ۽ شفقت سان ڀرپور آهين. انهيءَ ڪري تو هنن کي وساري نہ ڇڏيو.