Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يعقوب 4:13 - Muslim Sindhi Bible

13 هاڻ اوهين ٻڌو، جيڪي چئو ٿا تہ ”اڄ يا سڀاڻي فلاڻي شهر ۾ وينداسين، هڪڙو سال اتي وڃي گذارينداسين ۽ ڌنڌو ڌاڙي ڪري پئسا ڪمائينداسين.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

13 هاڻي ٻُڌو، اوهين جو چئو ٿا تہ اڄ يا سڀاڻ فلاڻي شهر ۾ وينداسين، ۽ هڪڙو ورهيہ اُتي وڃي گذارينداسين، ۽ واپار ڪنداسين، ۽ فائدو حاصل ڪنداسين:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

13 هاڻ اوهين ٻڌو، جيڪي چئو ٿا تہ ”اڄ يا سڀاڻي فلاڻي شهر ۾ وينداسين، هڪڙو سال اتي وڃي گذارينداسين ۽ ڌنڌو ڌاڙي ڪري پئسا ڪمائينداسين.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

13 ھاڻي اوھين ٻڌو، جيڪي چئو ٿا تہ ”اڄ يا سڀاڻي فلاڻي شھر ۾ وينداسين، ھڪڙو سال اتي وڃي گذارينداسين ۽ ڌنڌو ڌاڙي ڪري پيسا ڪمائينداسين.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يعقوب 4:13
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو اچو تہ اتي هلي سندن ٻوليءَ ۾ مونجھارو وجھون تہ جيئن هو هڪٻئي جو ڳالهائڻ سمجھي نہ سگھن.“


ايندڙ وقت بابت ٻٽاڪ نہ هڻو، ڇاڪاڻ تہ ڪوبہ نہ ٿو ڄاڻي تہ هاڻي يا هاڻي کان پوءِ ڇا ٿيندو.


پوءِ مون پنهنجيءَ دل ۾ فيصلو ڪيو تہ ”ڇو نہ آءٌ هن زندگيءَ جو مزو ماڻيان ۽ خوشيون ملهايان. پوءِ ڏسان تہ انهيءَ مان ڇا ٿو حاصل ٿئي!“ پر مون ڏٺو تہ ائين ڪرڻ سان زندگيءَ جي راز کي سمجھي نہ ٿو سگھجي.


تڏهن سڀني جو حال هڪجهڙو ٿيندو، جهڙو عام ماڻهوءَ جو تهڙو ڪاهن جو، جهڙو نوڪر جو تهڙو مالڪ جو، جهڙو ٻانهيءَ جو تهڙو سائڻ جو، جهڙو خريدار جو تهڙو وڪڻندڙ جو، جهڙو اڌاري وٺندڙ جو تهڙو اڌاري ڏيندڙ جو، جهڙو وياج ڏيندڙ جو تهڙو وياج وٺندڙ جو.


ڏسو، آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ هاڻي آءٌ انگورن جي باغ سان ڇا ڪندس. آءٌ انهيءَ جو لوڙهو ڪڍي ڇڏيندس، ۽ اهو چراگاهہ بڻجي ويندو. آءٌ انهيءَ جي ڀت ڀڃي ڇڏيندس، ۽ اهو لتاڙيو ويندو.


وقت اچي پهتو آهي، اهو ڏينهن ويجھو ايندو پيو وڃي. سو نہ خريد ڪندڙ خوشي ڪري، نہ وڪڻندڙ غمگين ٿئي، ڇاڪاڻ تہ مون خدا جو غضب سڀني تي هڪجهڙو اچي ڪڙڪندو.


روئڻ وارا پنهنجي غم کي ڪا اهميت نہ ڏين، خوشي ڪرڻ وارا پنهنجي خوشيءَ کي ڪا اهميت نہ ڏين ۽ خريد ڪرڻ وارا پنهنجي خريد ڪيل شيءِ کي ڪا اهميت نہ ڏين.


هاڻ اي دولتمندؤ! اوهين ٻڌو، انهن مصيبتن جي ڪري روئو ۽ رڙو، جيڪي اوهان تي اچڻيون آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ