Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يعقوب 3:14 - Muslim Sindhi Bible

14 پر جيڪڏهن اوهين پنهنجين دلين ۾ سخت حسد ۽ خودغرضي رکو ٿا، تہ ڏاهو هجڻ جون ٻٽاڪون نہ هڻو، نڪي حق سچ جي خلاف ڪوڙ ڳالهايو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

14 پر جيڪڏهن اوهان جي دل ۾ سخت حسد ۽ نفاق آهي تہ فخر نہ ڪريو، نڪي سچ جي برخلاف ڪوڙ ڳالهايو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

14 پر جيڪڏهن اوهين پنهنجين دلين ۾ سخت ساڙ ۽ پنهنجو مطلب رکو ٿا، تہ ڏاهو هجڻ جون ٻٽاڪون نہ هڻو، نڪي حق سچ جي خلاف ڪوڙ ڳالهايو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

14 پر جيڪڏھن اوھين پنھنجين دلين ۾ سخت حسد ۽ نفاق رکو ٿا، تہ فخر نہ ڪريو ۽ نڪي سچ جي خلاف ڪوڙ ڳالھايو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يعقوب 3:14
42 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو سندس ڀائر تہ ساڙ ۾ سڙي ويا پر پڻس اها ڳالهہ پنهنجيءَ دل ۾ رکي ڇڏي.


اونان ڄاتو ٿي تہ ”اهو اولاد منهنجو نہ سڏبو،“ تنهنڪري هو جڏهن بہ پنهنجي ڀاڄائيءَ وٽ ويندو هو تڏهن مني هيٺ هاري ڇڏيندو هو، انهيءَ لاءِ تہ متان سندس ڀاءُ لاءِ اولاد پيدا ٿي پوي.


ييهوءَ کيس چيو تہ ”مون سان گڏجي هل ۽ ڏس تہ خداوند لاءِ مون کي ڪيڏي نہ غيرت آهي.“ پوءِ هو ساڻس گڏ سندس جنگي گھوڙي گاڏيءَ ۾ روانو ٿيو.


تنهن هوندي بہ ييهو خداوند، بني اسرائيل جي خدا جي شريعت تي دل وَ جان سان نہ هليو. هن يربعام جي گناهہ کان منهن نہ موڙيو جيڪو يربعام اسرائيل وارن کان ڪرايو هو.


خبردار، چڙ بيعقل ماڻهوءَ کي ماريو ڇڏي، هائو، خدا سان ناراضگي نادان ماڻهوءَ کي ڪُهي ڇڏي ٿي.


دل جو سڪون بدن کي تندرستي ٿو بخشي، مگر حسد وَ ساڙ انسان جون هڏيون بہ ڳاريو ڇڏي.


ڪاوڙ ۽ غصي وارو ماڻهو خطرناڪ ٿو ٿئي، مگر جيڪو غيرت سان ڀريل آهي، تنهن آڏو ڪير ٿو بيهي سگھي؟


تڏهن اسرائيل وارا يهوداہ وارن سان اڳتي حسد نہ ڪندا، نڪي يهوداہ وارا اسرائيل وارن سان دشمني رکندا. هائو، اسرائيل وارن مان حسد وَ ڪينو هليو ويندو، ۽ يهوداہ وارن جي دشمني بلڪل ختم ٿي ويندي.


ڇو تون مون کي ناانصافي ٿو ڏيکارين؟ ڇو تون بڇڙائيءَ کي برداشت ٿو ڪرين؟ تباهي ۽ ڏاڍ منهنجي سامهون آهن، فتنو ۽ فساد بہ خوب لڳو پيو آهي.


اهو انهيءَ ڪري پڇيائين جو هن ڄاتو پئي تہ ”سردار ڪاهنن رڳو حسد کان عيسيٰ کي قيد ڪري مون وٽ آندو آهي.“


ڏسو، ماڻهو اوهان کي عبادت‌خانن مان نيڪالي ڏيئي ڇڏيندا، بلڪ اهو وقت بہ ايندو جڏهن ڪو اوهان کي قتل ڪندي ائين سمجھندو تہ ’آءٌ خدا جي خدمت ٿو ڪريان.‘


جڏهن ڪن يهودين ايڏا ميڙ ڏٺا تہ ساڙ وٺي وين، سو هو پولس جي تبليغ خلاف بدشد ڳالهائيندي سندس بي‌عزتي ڪرڻ لڳا.


ڪنهن وقت آءٌ پاڻ ائين سمجھندو هئس تہ عيسيٰ ناصريءَ جي سخت مخالفت ڪرڻ منهنجو فرض آهي.


پوءِ وڏو سردار ڪاهن ۽ سندس ساٿي جيڪي صدوقين جي مقامي فرقي جا ماڻهو هئا، سي رسولن تي ڏاڍا ساڙ کائڻ لڳا. سو اهي رسولن خلاف اُٿي کڙا ٿيا


سڀيئي ڀائر پنهنجي هڪ ڀاءُ يوسف تي ساڙ کائڻ لڳا ۽ کيس انهن ماڻهن وٽ وڪيائون، جيڪي هن کي غلام ڪري مصر ڏانهن وٺي ويا. پر خدا هن ساڻ هو


سو هو هر طرح جي بڇڙائيءَ، بديءَ، لالچ، بدنيتيءَ، ريس، خونريزيءَ، جھيڙي، ٺڳيءَ ۽ ساڙ سان ڀرجي وڃن ٿا. هو چغلخور،


اهڙيءَ طرح فضيلت سان هلون جيئن ڏينهن جو هلبو آهي. سو اوهين نہ نشي ۾ مست ٿي بداخلاقيءَ ۾، نہ زناڪاريءَ ۽ شهوت‌پرستيءَ ۾ ۽ نہ وري جھيڙي ۽ حسد ۾ هلو.


هاڻ اوهين جيڪي پاڻ کي يهودي ٿا سڏايو، تن بابت آءٌ ڇا چوان؟ اوهين شريعت تي ڀاڙي ٿا ويهو ۽ خدا سان پنهنجي تعلق تي فخر ٿا ڪريو.


پر جيڪي خودغرض آهن ۽ سچ کي نہ پر ڪوڙ کي ٿا مڃين، تن تي خدا جو غضب ۽ قهر نازل ٿيندو.


محبت صبر ڪرڻ واري ۽ مهربان آهي. محبت حسد نہ ٿي ڪري، نڪي پاڻ کي پڏائي ٿي ۽ نہ وري پاڻ بابت ٻٽاڪون ٿي هڻي.


جيئن تہ اوهان ۾ حسد ۽ جھيڙو جھڳڙو آهي، سو اوهين اڃا دنياوي ماڻهن وانگر آهيو. هائو، اوهين جسماني طور زندگي گذاريو ٿا.


تڏهن بہ اوهان کي ڪا شرمساري نہ ٿي ٿئي، پر اٽلندو فخر ٿا ڪريو. اوهان کي گھربو هو تہ انهيءَ ماڻهوءَ کي پنهنجي ڪليسيا مان ڪڍي ڇڏيو ها.


سو اوهان کي فخر ڪرڻ نہ ٿو جڳائي. اوهين نہ ٿا ڄاڻو ڇا تہ ٿورڙو ئي خمير سڄي ڳوهيل اٽي کي ڦنڊائي ڇڏيندو آهي؟


تنهن هوندي بہ آءٌ ڊڄان ٿو تہ جڏهن اتي اچان تہ متان جيئن آءٌ چاهيان ٿو تيئن اوهان کي نہ ڏسان ۽ جيئن اوهين نہ ٿا چاهيو تيئن مون کي ڏسو. مون کي ڊپ آهي تہ متان اوهان ۾ جھيڙا جھڳڙا، حسد، ڪاوڙ، ڏڦيڙ، گھٽ وڌ ڳالهائڻ، گلائون، هٺ ۽ فساد هجن.


پر جيڪڏهن اوهين هڪٻئي کي چڪ هڻندا ۽ ڳڙڪائيندا ٿا وڃو تہ خبردار ٿجو، متان هڪٻئي کي چٽ ڪري سڀيئي برباد ٿي وڃو.


بت‌پرستي، جادوگري، دشمني ۽ جھيڙو جھڳڙو، حسد، ڪاوڙ، ذاتي لالچ، جدايون ۽ ڌڙابندي،


بغض، نشي‌بازي، عياشي ۽ ٻيا اهڙا ڪم. انهن بابت جيئن اڳي بہ مون اوهان کي خبردار ڪيو هو، تيئن هاڻي بہ خبردار ٿو ڪريان تہ جيڪي اهڙا ڪم ڪن ٿا سي خدا جي بادشاهيءَ ۾ داخل ٿيڻ جا حقدار ڪين ٿيندا.


۽ اجايو فخر ڪندي اسين نہ هڪٻئي کي چيڙايون، نڪي هڪٻئي سان حسد ڪريون.


طهر ڪرائڻ وارا تہ پاڻ شريعت تي پوريءَ طرح عمل نہ ٿا ڪن، پر هو اوهان کي طهر ڪرائڻ لاءِ انهيءَ ڪري مجبور ٿا ڪن، تہ جيئن اوهان جي انهيءَ جسماني رسم کي قبول ڪرڻ تي اهي فخر ڪري سگھن.


پوءِ انهن مان ڪي تہ مون سان حسد ۽ جھيڙي جي ڪري مسيح جي منادي ڪن ٿا، تہ ڪي وري نيڪ نيتيءَ سان.


ذاتي لالچ ۽ اجائي هٺ کان ڪجھہ بہ نہ ڪريو، پر نماڻائيءَ سان هر ڪو ٻئي کي پاڻ کان بهتر سمجھي.


هو چاهي ٿو تہ سڀيئي ماڻهو ڇوٽڪارو حاصل ڪري سچائيءَ کي ڄاڻي وٺن.


تہ اهو مغرور آهي ۽ ڪجھہ بہ نہ ٿو ڄاڻي. هن کي بحث مباحثي ۽ ڳالهہ ڳالهہ تي تڪرار ڪرڻ جو مرض آهي، جنهن جي نتيجي ۾ حسد، جھيڙا، گلاخوري ۽ بدگمانيون پيدا ٿين ٿيون.


ڏس، اسين ڪنهن وقت نادان، نافرمان، گمراهہ ۽ طرح طرح جي نفساني خواهشن ۽ عياشين جا غلام هئاسين. اسين بغض ۽ حسد جي حالت ۾ گذاريندا هئاسين، نفرت جي لائق هئاسين ۽ هڪٻئي سان بہ نفرت ڪندا هئاسين.


هن پنهنجي مرضيءَ سان اسان کي سچ جي پيغام وسيلي نئين سر پيدا ڪيو، انهيءَ لاءِ تہ اسين سندس مخلوقات ۾ پهريون ڦل بڻجون.


انهيءَ جو سبب هي آهي تہ جتي حسد ۽ خودغرضي هوندي آهي، اتي جھيڙو جھڳڙو ۽ هر طرح جو برو ڪم بہ هوندو آهي.


اي منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! جيڪڏهن اوهان مان ڪو سچ جي راهہ کان ڀٽڪي وڃي ۽ ٻيو جيڪو انهيءَ کي موٽائي سچ جي راهہ تي آڻي،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ