يعقوب 2:25 - Muslim Sindhi Bible25 ساڳيءَ طرح راحب جيڪا ڪسبياڻي هئي، تنهن بہ جڏهن بني اسرائيل قوم جي موڪليل جاسوسن کي پاڻ وٽ رهايو ۽ شهر مان نڪرڻ جي ٻئي رستي کان روانو ڪري کين بچايو، تڏهن ڇا خدا هن کي سندس انهيءَ عمل جي ڪري پاڻ ڏانهن سچار قرار نہ ڏنو؟ အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible25 ساڳيءَ طرح راحب ڪسبياڻي بہ عمل جي ڪري سچار نہ ٺهري ڇا، جو هن قاصدن کي پاڻ وٽ ٽڪايو ۽ ٻئي رستي اُماڻي ڇڏيائينِ؟ အခန်းကိုကြည့်ပါ။Hindu Sindhi Bible25 ساڳيءَ طرح راحب جيڪا وئشيا هئي، تنهن بہ جڏهن بني اسرائيل قوم جي موڪليل جاسوسن کي پاڻ وٽ رهايو ۽ شهر مان نڪرڻ جي ٻئي رستي کان روانو ڪري کين بچايو، تڏهن ڇا ايشور هن کي سندس انهيءَ عمل جي ڪري پاڻ ڏانهن سچار قرار نہ ڏنو؟ အခန်းကိုကြည့်ပါ။Common Language New Testament25 ساڳي ئي طرح راحب جيڪا ڪسبياڻي ھئي، تنھن بہ جڏھن قاصدن کي پاڻ وٽ ٽڪايو ۽ کين ٻئي رستي کان روانو ڪري ڇڏيو، تڏھن ڇا ھوءَ پنھنجن عملن جي ڪري سچار نہ بڻي؟ အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
جيتوڻيڪ اهي وٽس اڃا رهيل هئا، تنهن هوندي بہ هن بادشاهہ جي ماڻهن کي وراڻيو تہ ”مون وٽ ٻہ ماڻهو برابر آيا هئا، پر مون کي خبر نہ آهي تہ ڪٿان جا هئا ۽ ڪيڏانهن ويا. هو رات جو شهر جي دروازي بند ٿيڻ وقت هتان هليا ويا. اوهين جيڪڏهن جلدي انهن جو پيڇو ڪندا تہ هنن کي وڃي پهچندا.“ پر راحب تہ انهن ٻنهي کي گھر جي ڇت تي وٺي وڃي کين سڻيءَ جي ڪاٺين ۾ لڪايو هو، جيڪي هن اتي ٺاهي جوڙي رکيون هيون.