Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يعقوب 2:20 - Muslim Sindhi Bible

20 اي بي‌وقوفؤ! ڇا اوهين ايترو نہ ٿا سمجھي سگھو تہ عمل کان سواءِ ايمان بيڪار آهي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

20 پر اي بيهودا ماڻهو، ايترو نٿو ڄاڻين تہ عمل کانسواءِ ايمان نڪمو آهي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

20 اي مورکؤ! ڇا اوهين ايترو نہ ٿا سمجھي سگھو تہ عمل کان سواءِ وشواس بيڪار آهي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

20 پر اي بيوقوف ماڻھو! ڇا تون ايترو نہ ٿو سمجھي سگھين تہ عمل کان سواءِ ايمان بيڪار آھي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يعقوب 2:20
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پنهنجي ٻنيءَ ۾ محنت ڪندڙ هاريءَ کي جھجھو رزق ملي ٿو، مگر بيڪار ڪمن پٺيان پنهنجو وقت وڃائڻ بي‌وقوفي آهي.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اوهان جي ابن ڏاڏن مون وٽ ڪهڙي ڪمي ڏٺي هئي، جو هو مون کان ڦري ويا؟ هو بيڪار بتن جي پوڄا ڪري پاڻ بہ بيڪار بڻيا.


پر هنن خدا کي سڃاڻڻ جي باوجود سندس لائق وڏائي بيان نہ ڪئي، نڪي سندس شڪرگذاري ڪيائون، بلڪ اجاين خيالن ۾ پئجي ويا ۽ سندن بي‌عقل دماغن تي اوندهہ ڇانئجي ويئي.


هائو، اسين دعويٰ سان چئون ٿا تہ شريعت تي عمل ڪرڻ سان نہ، پر ماڻهو رڳو ايمان رکڻ جي وسيلي خدا ڏانهن سچار بڻجي ٿو.


پر اي انسان! تون ڪير ٿيندو آهين جو خدا سان سوال جواب ڪرين؟ ڇا خلقيل شيءِ خلقيندڙ کي چئي سگھي ٿي تہ ”تو مون کي اهڙو ڇو خلقيو آهي؟“


سو جڏهن اسين عيسيٰ مسيح جا آهيون، تڏهن طهر ڪرائڻ يا نہ ڪرائڻ ڪنهن ڪم جو نہ آهي. پر رڳو مسيح تي ايمان ئي ڪم جو آهي، جنهن جو اثر محبت رکڻ مان ظاهر ٿئي ٿو.


ياد رکو، جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪجھہ نہ هوندي بہ، پنهنجو پاڻ کي ڪجھہ سمجھي ٿو تہ هو پنهنجو پاڻ کي دوکو ٿو ڏئي.


خبردار رهجو، متان ڪو ماڻهو انهن اجاين ۽ گمراهہ ڪندڙ خيالن سان اوهان کي شڪار ڪري نہ وٺي، جن جو بنياد مسيح تي نہ پر ماڻهن جي روايتن ۽ هن دنيا جي ابتدائي اصولن تي آهي.


ڪي ماڻهو انهن ڳالهين کان ڀٽڪي اجائي بحث ۾ وڃي پيا آهن.


انهيءَ جو سبب هي آهي جو گھڻا ئي ماڻهو، خاص ڪري اهي جيڪي طهر ڪرائڻ لاءِ زور ٿا ڀرين، سي فسادي، اجائي بڪ بڪ ڪندڙ ۽ دغاباز آهن.


جيڪڏهن ڪو ماڻهو پاڻ کي ديندار ٿو سمجھي پر پنهنجي زبان کي ضابطي ۾ نہ ٿو رکي تہ سندس دينداري اجائي آهي ۽ اهو پاڻ کي دوکو ٿو ڏئي.


اها ئي ڳالهہ آهي تہ جيڪڏهن ايمان سان گڏ عمل نہ آهي تہ اهو ايمان مئل آهي.


مطلب تہ جيئن روح کان سواءِ بدن مئل آهي، تيئن عمل کان سواءِ ايمان بہ مئل آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ